ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جيڪي به دوست پرڏيهه ويا هوندا انهن کي ديسي کاڌي جي ضرور ياد ايندي هوندي ۽ آمريڪا هجي يا برطانيا يا دنيا جو ڪو به ملڪ ، پاڪستانين کي ديسي کاڌي جي ياد ضرور ايندي آهي ۽ هو پڇا ڳاڇا بعد ڪٿي نه ڪٿي پاڪستاني يا انڊين کاڌن جو ڪو نه ڪو اسپاٽ ڳولي وٺندا آهن. کاڌو کائجي ۽ چاءِ نه پيئي ته مزو ئي نه اچي. ديسي دودهه پتي چاءِ پرڏيهه ۾ ملي وڃي ته ٻيو ڇا کپي. شايد اهو ئي سبب آهي ته بلوچستان جي بروهڻ خالدا آمريڪا جي ٻن رياستن نيو يارڪ ۽ ايريزونا ۾ چاءِ خانه کوليا آهن. جتي اوهان کي مختلف قسم جي چاءِ ملي ويندي جنهن ۾ الاچي چاءِ به شامل آهي. خالدا جيڪا اعليٰ تعليم لاءِ آمريڪا وئي تنهن جي ملاقات اٽلي ڄائي آمريڪي ڊيوڊ سان ٿي ۽ ڪجهه عرصي بعد سندن محبت شادي ۾ تبديل ٿي وئي. خالدا بروهي (Barron) ۽ ڊيوڊ بروهي (Barron)جي جوڙي گڏجي چاءِ خانه کوليا آهن جن جي سجاوٽ ۾ پاڪستان جي رنگ برنگي ڪلچر جون شيون رکيون آهن جن ۾ هٿ جي ڀرت ڀريل وال هينگنگس ۽ ڪارپيٽ به شامل آهن. خالدا جو گهر ڪراچي ۾ آهي جتي والد جي همٿائڻ سبب هوءَ نج قبائلي خانداني پس منظر جي باوجود به آمريڪا پهتي ۽ بزنس شروع ڪيو. خالدا جو چوڻ آهي ته هوءَ چاءِ خانن مان ٿيندڙ 50 سيڪڙو منافعي واري رقم پاڪستان ۾ پنهنجي سگهڙ فائونڊيشن هلائيندي آهي.

هوءَ ٽي اسڪول به هلائي ٿي جن ۾ 500 کان مٿي ٻار پڙهن ٿا، اهي به هلائي ٿي. سندس چاءِ خانا آمريڪي شهرين ۾ به مقبول آهن ۽ جيڪو هڪ ڀيرو اچي ٿو ته وري ٻئي دفعي دوستن کي به وٺي اچي ٿو ۽ ماڻهو ڳولي ڳولي سندن چاءِ پيئڻ اچن ٿو. خالدا هر ٻن مهينن بعد پاڪستان اچي پنهنجي سماجي ڪم ڪار جي ادارن جي سار سنڀار لهڻ ايندي آهي جڏهن ته سندس مڙس ڊيوڊ چئن پنجن مهينن ۾ هڪ ڀيرو چڪر هڻندو آهي. هوءَ پاڪستاني غريب خاندانن جي مدد ڪن ٿا کين ننڍا ننڍا قرض ۽ هنري سکيا ڏئي کين پاڻڀرو ڪري رهيا آهن.

خالد جو خواب آهي ته پاڪستان مان غربت ختم ڪرڻ ۽ عام ماڻهن جي زندگي ۾ خوشحالي آڻي ۽ هر ٻار کي تعليم ڏياري سگهي. هوءَ پاڻ به جيئن ته قبائلي طبقي سان تعلق رکي ٿي تنهن ڪري کيس اهڙن خاندانن ۾ عورتن جي ترقي ۽ انهن کي پاڻ ڀرو ڪرڻ ۽ ڇوڪرين جي تعليم جو کيس احساس آهي ۽ اهو ڪرب محسوس ڪندي هوءَ معاشري ۾ تبديلي لاءِ ڪوشان آهي. خالدا بروهي انسٽا گرام تي.(هي مضمون ڊان اميجز لاءِ حفسه سرفراز لکيو جيڪو سنڌيار جي پڙهندڙن لاءِ ٿوري نواڻ سان پيش ڪيو ويو)










