خشوغي قتل ۾ ولي عهد ملوث آهي، مٿس پابنديون هڻو، اقوام متحده

نيو يارڪ (م ڊ) اقوام متحده جي ماوراءِ عدالت قتل بابت انساني حقن جي خصوصي ايلچي صحافي جمال خشوغي قتل جي ذميواري سعودي ولي عهد ۽ سعودي حڪومت جي ٻين اهلڪارن کي قرار ڏيندي چيو آهي ته هنن خلاف ڪيس هلي سگهي ٿو. خصوصي ايلچي اگنيس ڪيلامرڊ قانوني ۽ فورنزڪ ماهرن سان گڏ ترڪي جو دورو به ڪيو هو هو ۽ ترڪي جي حڪومت کان قتل جا ثبوت ۽ شاهديون حاصل ڪيون هيون. جنهن بعد هن 100 صفحن جي رپورٽ لکي چيو آهي ته دستياب معتبر ثبوتن موجب ولي عهد محمد بن سلمان ۽ ٻيا حڪومتي اهلڪار ملوث آهن. هن اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل تي عالمي ماهرن ذريعي جاچ ڪرائڻ تي زور ڏيندي دنيا جي سمورن ملڪن تي زور ڀريو آهي ته جيستائين ولي عهد بيگناهي ثابت نه ڪري تيسن ولي عهد ۽ سندس ذاتي ملڪيت تي پابندي مڙهي وڃي. الجزيره موجب رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سعودي حڪومت رپورٽ ملڻ باوجود رد عمل ظاهر نه ڪيو آهي، اڳ۾ هو قتل ۾ ملوث هئڻ کان انڪار ڪندو رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو