حڪومت 6 مهينن اندر بينڪن کان 11 کرب رپين جو قرض ورتو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) حڪومت طرفان ڊسمبر جي آخري هفتن ۾ بينڪن کان 55 فيصد کان وڌيڪ قرض وٺڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. گذريل 3 سالن ۾ پهريون ڀيرو 6 مهينن ۾ حڪومت بينڪن کان قرضن جي وصولي 10 کرب کان وڌيڪ رڪارڊ ڪئي وئي. رپورٽ مطابق اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان طرفان جاري ٿيندڙ ڊيٽا ۾ ٻڌايو ويو آهي ته حڪومت 27 ڊسمبر تائين 11 کرب 16 رپين جو قرض ورتو آهي. 22 ڊسمبر تائين حاصل ٿيندڙ قرض 717 ارب رپيا هيا جنهن جو مطلب اهو نڪتو ته حڪومت آخري هفتي ۾ 400 ارب رپين جو قرض ورتو جيڪو 55 فيصد کان وڌيڪ هيو. حڪومت جو بينڪن مان قرض حاصل ڪرڻ ۾ مرڪزي بينڪ طرفان فنانسنگ نه ڪرڻ سبب اضافو ٿيو. اهو پهريون ڀيرو آهي جو حڪومت مرڪزي بينڪ کان قرض ناهي وٺي سگهي. ڊيٽا مطابق حڪومت هلندڙ مالي سال دوران 452 ارب رپيا اسٽيٽ بينڪ پاڪستان کان گذريل مالي سال جي هن ئي وقت ۾ 14 کرب 36 ارب رپيا قرضن جي بدلي ۾ واپس ڪيا. جڏهن ته معيشت مستحڪم نه هجڻ ڪري مهانگائي ۾ به اضافو ٿيندو آهي. 12.63 فيصد جي موجوده صارف مهانگائي جو سبب پهرين ئي اسٽيٽ بينڪ کان قرضجي  شرح 13.25 فيصد تائين رکڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي جنهن جي نتيجي ۾ بينڪن کان نجي شعبن جو قرض گهٽ ٿيو آهي. ان کان ظاهر ٿئي ٿهو ته وڌيڪ مالياتي واڌ حڪوموت طرفان ٿي جيتوڻيڪ مهانگائي جي شرح قرض گهٽ ڪرڻ ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ بڻيل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو