لاڙڪاڻو (ن س) لاڙڪاڻي شهر جي يو سي 10 ۽ 11جي ڪوثر مل محلي ،حيدري محلي ،حسيني محلي سميت ٻين علائقن ۾ ضلع انتظامیہ جي حڪم تي حددخلين هٽائڻ جي بهاني ڪيترين ئي عمارتن گهرن، اوطاقن ۽ دڪانن کي مسمار ڪري پٽ ڪيو ويوآهي. شهرين جو اربين روپين جو مالي نقصان، شهر جي وسيل آبادين کي ڊاهي پٽ ڪرڻ کان پوءِ علائقا کنڊرات جو ڏيک ڏيڻ لڳا، شهرين جي دعويٰ آهي ته اسان 100 سالن کان انهن علائقن جا رهائشي آهيون ۽ پنهنجون خريد ڪيل جڳهيون ورتل آهن انهيءَ لاءِ حڪومت سنڌ اسان جي جاين جي نقصان تي متبادل جايون يا معاوضو ڏئي بي گهر ٿيڻ کان بچايو وڃي. شهرين ذوالفقار علي مارفاڻي، قربان علي، احمد نواز سانگي ۽ ٻين چيو ته لاڙڪاڻي شهر ۾ هر طرف حددخلين هٽائڻ جي بهاني شهرين جو اربين رپين جو مالي نقصان ڪيو ويو آهي ۽ هڪ صدي پراڻن گهرن، دڪانن کي پٽ ڪيو ويو آهي ايتري قدر جو الله جي گهر مسجدن کي به شهيد ڪيو ويو آهي پر ترقياتي منصوبن جي اڃان تائين ڪابه ڳالهه نه ڪئي وئي آهي. جنهن ڪري شهري پنهنجن شهرن ۾ ئي لاوارث بڻجي ويا آهن. شهرين مطالبو ڪيو ته لاڙڪاڻو شهر کي خوبصورت بڻائڻ لاءِ عملي اپاء ورتا وڃن نه ته سخت احتجاج ڪيو ويندو.
ٽيڪس وصولي ۾ ناڪامي، وڏي وزير جي سخت ڪاوڙ
جاپاني شهرين تي حملي جي ابتدائي جاچ ۾ اهم پيش رفت
ٻار ڄڻڻ ۽ ماءُ بڻجڻ وارن تجربن بابت زارا نور ڇا ٿي چوي؟
علامه اقبال ايڪسپريس جي انجڻ کي باهه لڳي وئي
بارش سبب 3 ڏينهن دبئي ۾ ڦاٿل ڪرڪيٽر آمريڪا پهچي ويا
يوڪرين پاران روسي جنگي جهاز تباهه ڪرڻ جي دعويٰ
ٽرمپ جي عدالت ۾ حاضري وقت هڪ شهري جي خود سوزي
اڄوڪي-اخبار-2024-04-20
اڄوڪي-اخبار-2024-04-20
خط مامرو: هاءِ ڪورٽ جي سڀني ججن کان تجويزون طلب
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
عالمي واٽر سمٽ ۾ گورننس کي بهتر ڪرڻ تي زور
ٽي ايل پي بابت رپورٽ صوبائي حڪومت سان شيئر نه ڪئي وئي
پشاور ۽ بلوچستان جي چيف جسٽسز جي نالن جي منظوري
دهشتگردن سان ڳالهيون نه ٿينديون، تارڙ جو پاليسي بيان
آءِ ايم ايف پاران مختصر مدي وارو پروگرام وٺڻ جي صلاح
بلوچستان جي 14 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو
ڪينيا جو آرمي چيف ڏهه آفيسر سميت اجل جو شڪار
خصوصي سيٽن وارن ميمبرن کان حلف وٺڻ جو حڪم
حدبندي جو تڪرار ، پينو فقير عدالت پهچي ويا