جعلي اڪائونٽ ڪيس ۾ ٻه جوابدار رمانڊ تي نيب حوالي، نمر مجيد جي عبوري ضمانت منظور

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ اسلام آباد جي احتساب عدالت تحقيقات لاء نيب کي ٻن گرفتار ملزمن جو ڏهن ڏينهن جو ريمانڊ ڏئي ڇڏيو آهي. ڪراچي مان گرفتار ڪيل بنهي جوابدارن کي سومر تي احتساب عدالت ۾ پيش ڪري ريماند ورتو. ٻن جوابدارن ۾ڪراچي ڊويلپمينٽ اٿارٽي جو اڳوڻو ڊائريڪٽر نجم زمان ۽ خصوصي اپائن واري کاتي جو سابق ڊائريڪٽر حسن علي ميمڻ شامل آهن. نجم زمان تي اختيارن جو غلط استعمال ڪندي قاعدن جي ابتڙڪلفٽن ۾ ٻه پلاٽ الاٽ ڪرڻ ۽ حسن علي ميمڻ تي ٺيڪيدار هريش کي خلاف ضابطه ٺيڪو ڏيڻ جو الزام آهي ۽ هن سلسلي ۾ نيب کانئن جاچ ڪندي. احتساب عدالت جي جج بشير احمد نيب کي هدايت ڪئي ته ٻنهي جوابدارن کي 28 مارچ تي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. ٻئي پاسي اسلام آباد هائي ڪورٽ مني لاندرنگ ڪيس ۾ نمر مجيد جي ٻه اپريل تائين عبوري ضمانت منظور ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني تي مشتمل بينچ ضمانت منظور ڪندي ملزم کي تحقيقات ۾ تعاون جي هدايت ڪئي. عدالت نيب کي هدايت ڪئي ته نمر مجيد جي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ڪردار بابت جلد ثبوت پيش ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو