ثقافتي مچ ڪچهري ۾ صوفي راڳين محفل مچائي ڇڏي

شيخ ڀرڪيو (مظفر علي بروهي) ڳوٺ ڏتو خان دائيداڻو ۾ ثقافتي مچ ڪچھري منقعد ڪئي وئي جنهن ۾ انور خان دائيداڻو، خان بهادر، غلام شبير دائيداڻو، محمد جمن خاصخيلي، جاويد علي سولنگي، سيد مرتضيٰ شاه بخاري، نيازسولنگي، احمد خان خاصخيلي، صحافي آغا جانب علي، محمد علي شيخ، سجاد علي ٿهيم، سيد شاهد شاه سميت علائقي جي ماڻھن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

مچ ڪچھري ۾ سنڌ جي سريلي صوفي فنڪارن آچر فقير، فقير علي نواز نانگو، فنڪار الهڏنو ۽ ٻين صوفي فنڪارن فن جو مظاهرو ڪيو سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو، سهڻا ماڻھو ٻيا به هزار سنڌي ماڻھو پڌرا لکن ۾، جيئي سنڌ جيئي  سنڌ وارا جيئن ۽ ٻيا ڪلام چئي محفل کي جهومائي ڇڏيو. ان موقعي تي اڳواڻن چيوته مچ ڪچھريون ڪرائڻ جو مقصد سنڌ جي ثقافت ۽ تهذيب کي اجاگر ڪرڻ آهي هر سنڌي کي پنهنجي ثقافت ملهائڻ گهرجي. هنن چيو ته اسان کي  پنهنجي ثقافت تي فخر آهي پنهنجي ثقافت ملهائڻ زنده قومن جي سڃاڻپ آهي هنن چيو ته اجرڪ، ٽوپي، ڪوڏر، ڪهاڙي، مچ ڪچهريون اسان جي پنج هزار پراڻي ثقافت ۽ تهذيب آهي جن قومن پنهنجي ثقافت ۽ تهذيب وساري ڇڏي آهي انهن قومن جا نشان ختم ٿي ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو