تعليمي سيمينار ۾ ٻارڙن پاران ٽيبلوز پيش، تقريري مقابلا

تعليمي سيمينار ۾ ٻارڙن پاران ٽيبلوز پيش، تقريري مقابلا

شاهپورجهانيان (اسد جاني) گورنمينٽ مين بوائز پرائمري اسڪول پاران اسڪول جي گرائونڊ تي تعليمي سيمينار منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ خاص مهمان چيئرمين ٽائون ڪاميٽي شاهپورجهانيان حاجي خالد حسين آرائين چيو ته اسڪول انتظاميا اهڙو شاندار علمي ۽ ثقافتي پروگرام ڪرائي غير نصابي سرگرمين کي هٿي وٺرائي اهم قدم کنيو آهي. هن اسڪول جي ٻارڙن جي ڪارگردگي ڏسي چئي سگهجي ٿو ته اڪثر سرڪاري اسڪولن جو تعليمي معيار خانگي اسڪولن کان بهتر آهي. هن وڌيڪ چيو ته آئون ٽائون ڪاميٽي طرفان اسڪول کي سولر سسٽم ۽ مٺي پاڻيءَ جي لاءِ آر او پلانٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيان ٿو ۽ ان وقت 13 هزار روڪ رقم ڏيڻ جو پڻ اعلان ڪيو. اسڪول جي هيڊ ماستر اسد علي رانجهاڻي آيل مهمانن کي آجياڻو پيش ڪيو ۽ اسڪول کي درپيش مسئلن جو پڻ ذڪر ڪندي وڌيڪ چيو ته اسان اسڪول جو تعليمي معيار بهتر بڻائڻ لاءِ سخت محنت ڪري رهيا آهيون.

ان موقعي تي علائقي جي مختلف اسڪولن ڳوٺ دودو ٻگهيو، عرض محمد لغاري، جيئندو ڏاهري، بچل ڀاڻپوٽو جي پرائمري اسڪولن ۽ گرلس پرائمري اسڪول شاهپورجهانيان جي ٻارڙن ٽيبلوز، ڪوئز ڪامپيٽيشن، بيتن، تقريرن ۾ حصو ورتو شاگردن قومي گيتن تي رقص ڪيو ۽ بهترين ڪارڪردگي تي ٻارڙن کي انعام پڻ ڏنا ويا. سيمينار ۾ پ ٽ الف تعلقي قاضي احمد جي صدر علي اصغر ڏاهري، استادن محبوب ڀٽو، سڪندر ٻگهيو، هارون سولنگي، دوست محمد گهلو، امام دين لانگاهہ، قاسم جاني ٻگهيو، صحافي سيف ٻگهيو سميت اديبن صحافين ۽ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي پروگرام جي ميزباني جا فرائضِ عبدالرحيم لاکو سرانجام ڏنا.

پهنجو تبصرو موڪليو