تتر وڙهائڻ جي ميل تي پوليس ڇاپو، جهيڙو هڪ اهلڪار زخمي

ڊرگھه بالا(اسماعيل لانگاهه) تترن جي ويڙھ واري ميل تي ڊرگھه بالا پوليس جو ڇاپو پوليس ۽ تتر ويڙھائيندڙن ۾ جھيڙو، خفتين  پوليس کي ڏنڊاھڻي  ڀڄائي ڇڏيو . ھڪ پوليس اھلڪار غلام قادر لنڊ  ڏنڊا لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو. زخمي پوليس اھلڪار صحافين کي ٻڌايو ته ڊرگھه بالا پوليس کي اطلاع مليو ته ٽٻائي لنڊ ۾ غيرقانوني تترن جو ميل تي جوا ھلي رھي آھي اھڙي اطلاع تي پوليس ميل تي ڇاپو ھنيو ته اتي ميل ڪرائيندڙ تماشائين ڏنڊن جا پوليس تي وار ڪري مون کي  زخمي ڪري وڌو. ٻئي طرف ايس ايڇ او ڊرگھه بالا اڪبر پنھنور صحافين کي ٻڌايو ته پوليس اھلڪارن تي حملو ڪندڙن  تي جھيڙي  جي ايف آءِ آر داخل ڪنداسين. ياد رھي ته ڊرگھه بالا ۽آس پاس ۾ ڪافي سالن کان تترن،ڪڪڙن ۽ ٻئي جوا جو آزار ھلندڙ آھي. ٻئي طرف جھيڙو ڪندڙ ڌر جي امتيازلنڊ امير لنڊ جو چوڻ آھي ته پوليس ھٿ جو ڊرامون ڪيو آھي اسان تتر جا شوقين آھيون پوليس تترن جي جوڙي گھري ھئي نه ڏيڻ تان پوليس اھلڪارن ھٿرادو حملي جو جڙتو ڊرامو جوڙيو آھي.  

پهنجو تبصرو موڪليو