تاريخ ۾ پهريون ڀيرو بي بي سي تان اذان نشر

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانيا جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ريڊيو تان اذان نشر ڪئي وئي. برطانيا ۾ ڪورونا وائرس سبب سڀني مذهبن جون عبادتگاهون بند آهن ۽ بي بي سي لوڪل ريڊيو جي سربراهه ڪِرس برنز جو چوڻ آهي ته هر جمعي تي صبح جو 5.50 تي خطبا ۽ اذان ٻڌي سگهندا. بي بي سي جا 14 لوڪل ريڊيو سروسز اهي نشر ڪنديون. هن جو چوڻ آهي ته اسين هندو، سک ۽ ٻين مذهبن لاءِ به سروس شروع ڪري رهيا آهيون ڪرسچن لاءَ اڳ ۾ ئي سروس شروع آهي. برطانيا ڪورونا وائرس کان سخت متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي ۽ هن مهل تائين برطانيا ۾ 79 هزار ماڻهو وائرس ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن، مرڻ وارن جو انگ 9875 ٿي ويو آهي ۽ گذريل 24 ڪلاڪن ۾  917 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن. دنيا ۾ وائرس ۾ ورتل ماڻهن جو انگ سوا 17 لک کان وڌي ويو آهي جڏهن ته دنيا ۾ ڪل مرندڙن جو انگ هڪ لک کان مٿي ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو