بي گهر فتبال ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان سيمي فائنل ۾ پهچي ويو

ٽنڊو باگو(ن س) برطانيا ۾ ھلندڙ ھوم ليس فٽبال ورلڊڪپ ۾ پاڪستان يونان کي شڪست ڏئي ڇڏي. انگلينڊ جي شھر ڪارڊف ۾ ھلندڙ ھوم ليس فٽبال ورلڊڪپ ۾ پاڪستان جي ٽيم يونان کي 2-3  گولن تان شڪست ڏئي سيمي فائينل ۾ پهچي وئي. پاڪستان پاران ٽئي گول ضلعي بدين جي شھر ٽنڊو باگو جي رھواسي نوجوان احسان بلوچ ڪيا. ٽنڊو باگو شھر ۾ مٺايون ورهايون ويون مير غلام محمد ٽالپر ٽيم جي رانديگرن راحيل قلندري ۽ مختيار خاصخيلي چيو ته اسان کي اسان جي ٽيم جي رانديگرن تي فخر آهي جن پرڏيهي ۾ پاڪستان ۽ سنڌ جو نالو روشن ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو