بيجنگ ۾ ”جيلي فش“ جهڙي شڪل جي ايئرپورٽ جو افتتاح

بيجنگ (ڊيسڪ نيوز) چيني حڪومت ملڪ جي 70هين سالگرهه جي موقعي تي 11 ارب ڊالرن جي خرچ سان تيار ڪيل هڪ نئين بين الاقوامي هوائي اڏي جو افتتاح ڪيو آهي. چين جي صدر شي جن پنگ اربع واري ڏهاڙي بيجنگ جي تيانان من اسڪوائر کان 46 ڪوميٽرن جي مفاصلي تي واقع ڊاشنگ ايئرپورٽ جو افتتاح ڪيو. چيني حڪومت جي عملدارن جو چوڻ آهي ته بيجنگ ۾ پهريان موجود ايئرپورٽ تي رش وڌي وڃڻ سبب هڪ ٻئي هوائي اڏي جي ضرورت محسوس ڪئي وئي.

ڊاشنگ ايئرپورٽ جي منفرد ڳالهه اها آهي ته اهو آسمان مان جيلي فش جهڙو نظر اچي ٿو. ايئرپورٽ کي ناليواري آرڪيٽيڪٽ زاهه حديد ڊزائين ڪيو آهي. چين جي اخبار ”چائنه ڊيلي“ مطابق ڊاشنگ ايئرپورٽ ست لک اسڪوائر ميٽرن تي ڦهليل آهي ان جو مطلب اهو ٿيو ته اهو 98 ڦتبال اسٽيڊيمن جيرتو وڏو آهي. ايئرپورٽ ڪائونسل مطابق بيجنگ ايئرپورٽ دنيا جو ٻيون نمبر وڏو هوائي اڏو هوندو جڏهن ته پهريون نمبر آمريڪا جي ايٽلانٽا ايئرپورٽ کي حاصل آهي. پر ڊاشنگ ايئرپورٽ جي هڪ ئي عمارت هيٺ دنيا جو سڀ کان وڏو ٽرمينل موجود آهي.

چين جي سرڪاري خابرو اداري مطابق 2025 تائين انهيءَ ايئرپورٽ تان 17 ڪروڙ مسافرن جو استقبال ڪيو ويندو. برٽش ايئرويز، ڪيٿي پيسفڪ ۽ فن ايئر جهڙين وڏين هوائي جهاز ڪمپنين نئين هوائي اڏي کان پروازون هلائڻ جو اعلان ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو