بم ڊسپوزل اهلڪار تي ٺهيل فلم عالمي ايوارڊ ماڻي ورتو

پشاور (ڊيسڪ نيوز) خيبرپختونخوا صوبي جي بم ڊسپوزل اسڪواڊ ۾ نوڪري ڪندڙ اهلڪار عنايت الله ٽائيگر بابت ٺهيل دستاويز فلم ”آرمڊ ود فيٿ“ کي ايمي ايوارڊ ڏنو ويو آهي. اسد فاروقي پاران تيار ڪيل فلم کي حڪومت ۽ سياست جي ڪيٽيگريءَ ۾ ايوارڊ ڏنو ويو آهي.

اسد فاروقي ايمي ايوارڊ وٺندي

دستاويزي فلم ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته ڊيرا اسماعيل خان جي رهائشي عنايت الله ٽائيگر زندگي ڪيئن گذاري ٿو ۽ هن ڪهڙا ڪارناما سرانجام ڏنا آهن. عنايت الله تائيگر 06 ڀيرا بارودي مواد ۽ خودڪش حملن جي وڪڙ ۾ اچڻ سبب شديد زخمي ٿيندو رهيو آهي. سال 2000 کان هن وقت تائين هن 297 ديسي ساخت جا بم، 350 بارودي سرنگون ۽ 25 سو جي لڳ ڀڳ ٻيو بارودي مواد ناڪاره بڻايو آهي. بي بي سي اردوءَ پاران عنايت الله ٽائيگر بابت لکيل فيچر ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هڪ بارودي سرنگ کي ناڪاره بڻائيندي عنايت الله جي کٻي ٽنگ ضايع ٿي وئي. جڏهن ته ٻيو سندس هٿ شديد زخمي ٿيو. هڪ خودڪش حملي ۾ سندس ساٿي مارجي ويا جڏهن ته عنايت الله جي ڪلهي، ڪنڌ ۽ چهري تي گهرا زخم آيا ۽ سندس هڪ هٿ ڪٽجي ويو. عنايت الله ٻڌايو آهي ته ”نماز پڙهڻ وقت ئي صرف شلوار قميض پائيندو آهيان نه ته هر وقت وردي پايون ويٺو هوندو آهيان“.

عنايت ٽائيگر بم ناڪاره بڻائڻ وقت نڪتل ڦوٽو ڏيکاريندي

ساڳي شهر ۾ گهر ۽ آفيس هجڻ باوجود پنهنجي گهر ناهي ويندو ۽ سال ۾ هڪ يا ٻه ڀيرا گهر جو چڪر هڻندو آهي باقي ٻارن ۽ گهرواريءَ سان روزانو فون تي ڳالهه ٻولهه ڪندو آهي. واضح رهي ته ايمي ايوارڊ فلم سازيءَ جي دنيا جو هڪ وڏو ۽ اهميت وارو ايوارڊ آهي. جيڪي هر سال آمريڪا ۾ هڪ وڏي تقريب ۾ ڏنا ويندا آهن.

(بي بي سيءَ جي ٿورن سان)

پهنجو تبصرو موڪليو