بلوچستان ۾ شهيد ٿيل جوانن جي فوجي اعزاز سان تدفين

ڪنب(صفدر چانڊيو) گوادر ۾ دهشتگردن سان ويڙھ  دوران شهيد ٿيل ڪوٽڏيجي جي فوجي جوان راحب علي ولد رحم دل بگٽي جو ميت ڳوٺ مٺڻ فقير ۾ فوجي اعزاز سان دفنايو ويو. شهيد جي ٽي سال اڳ شادي ٿي هئي ۽ کيس ٻن سالن جي پٽ جي اولاد آهي. شهيد چار سالن کان پوءِ رٽائر ٿئي ها پر ان کان اڳ هن شهادت ماڻي. هوڏانهن فوج جي تعلقات عامه جي شعبي پاران جاري ڪيل بيان موجب بلوچستان جي هرنائي واري علائقي ۾ عيد گشت ڪندڙ فرنٽيئر ڪور جا ٻه جوان دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد ٿي ويا.

بيان موجب جوان پاڻي ڀرڻ ويا ته اڳ ۾ ئي نصب ڪيل بارودي مواد ڦاٽڻ سبب ڌماڪي ۾ ٻئي جوان شهيد ٿيا. جن ۾ بلوچستان جي ڪڇ ضلعي جو 23 سالن جو يار محمد ۽ لڪي مروت جو 19 سالن جو مهتاب خان شامل آهن. حادثو هرنائي ضلعي جي تعلقي کوسٽ م پيش آيو. سندن ميت اباڻن علائقن ڏانهن روانا ڪيا ويا آهن ۽ تدفين ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو