بلاول ڀٽو نيشنل ايڪشن پلان تي عمل لاء گڏيل پارليماني ڪميٽي جو مطالبو ڪري ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان نريندر مودي جي ظلمن خلاف هڪ لفظ نه پيو ڳالهائي، ڀارتي پائلٽ  کي “اين آر او” ڏئي آزاد ڪري ٿو پر مخالف ڌر جي خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪري رهيو هو. هن اهڙو اظهار ڇنڇر تي ڪراچي ۾ پي پي پي سنڌ ڪائونسل جي گڏجاڻي دوران خطاب ڪندي ڪيو. هن ڪاالعدم تنظيمن سان مبينه را بطن سبب وفاقي ڪابينا ۾ شامل ٽن وزيرن کي برطرف ڪرڻ جو مطالبو ورجايوي ۽ چيو ته تحريڪ انصاف پابندي مڙهيل تنظيمن جي مدد سان اليڪشن وڙهي هئي. بلاول ڀٽو چيو ته حڪومت هڪ پاسي پاڙيسري ملڪن ايران ۽ افغانستان سان تعلقات خراب ڪري رهي آهي تو ٻئي پاسي ملڪ اندر معاملا بگاڙي رهي آهي، چاهي انساني حقن جو معاملو هجي يا اظهار راء جي آزادي جو، صورتحال خراب ٿي رهي آهي.بلاول ڀٽو مطالبو ڪيو تو نيشنل ايڪشن پلان تي عمل لاء پارليامينٽ جي گڏيل ڪميٽي ٺاهي وڃي. هن واضح ڪيو تو جيڪڏهن ٽن وزيرن کي فارغ نه ڪيو ويو ۽ پابندي مڙهيل تنظيمن خلاف ڪارروائي نو ٿي ته پيپلز پارٽي هن معاملي تي حڪومت جي حمايت نه ڪندي. پارٽي اجلاس کان اڳ بلاول ڀٽو، شيما ڪرماني جي سربراهي ۾ عورتن جي هڪ وفد سان ملاقات ڪئي ۽ 8 مارچ تي ٿيل عورت مارچ  ۽ ان ۾ عورتن جي حقن بابت ڪيل مطالبن جي حمايت ڪندي کين مڪمل حمايت جو يقين ڏياريو. هن چيو ته سندس جماعت صنفي برابري ۽ عورتن جي حقن جو حامي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو