بلاول جو”ڪاروان ڀٽو“ منزل تي پڄي ويو، ڪارڪنن پاران ڀرپور استقبال

لاڙڪاڻو( ن س) بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته احتساب جي نالي ۾ انتقام برداشت نه ڪنداسين. شفاف احتساب کان نٿا ڊڄون پر احتساب سڀني جو ٿيڻ گهرجي، احتساب بيورو ذريعي مونکي، آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. اهڙو اظهار هن “ڪاروان ڀٽو” لاڙڪاڻي پهچڻ تي وڏي تعداد ۾ آيل ڪارڪنن جي ميڙ کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي هن سوال ڪيو ته جيڪوڪيس ڪراچي ۾ هلي پيو، اهو راولپنڊي ۾ ڪهڙي قانون تحت هلايو پيو وڃي؟ راولپنڊي ۾ ڀٽوز لاءِ سدائين قيامت برپا ڪئي وئي آهي. بلاول مخالفن کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته اهي سمجهن ٿا ته بيبي جو پٽ ڊڄي ويندو، جنهن آئين لاءِ شهيد ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو قرباني ڏني، حڪمران ان آئين کي ختم ڪري ون يونٽ لڳائڻ چاهين ٿا. بلاول عوام سان مخاطب ٿيندي چيو ته هاڻي اوهان فيصلو ڪندئو، اسلام آباد يا راولپنڊي ۾ ويٺل وزير فيصلا نه ڪندا.هن وزيراعظم تي تنقيد ڪندي چيو ته نيازي اوهان جا 120 ارب رپيا چوري ڪيا آهن، عوام جو اهو پيسو کائنس واپس وٺنداسين. هن سوال اٿاريو ته اوهين سوچيو ته انهن 120 ارب رپين مان ڪيترا اسڪول ۽ اسپتالون ٺهي سگهن ٿيون. واضح رهي ته بلاول ڀٽو اڱاري تي صبح جوڪراچي کان لاڙڪاڻي تائين ٽرين مارچ شروع ڪيو جيڪو لاڙڪاني پهنجي منزل تي پڄي ويو آهي. ڪينٽ اسٽيشن کان شروع ڪيل مارچ جڏهن لانڍي اسٽيشن پهتو ته وڏي انگ ۾ اسٽيشن تي موجود ڪارڪنن سندس آجيان ڪئي. بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ ٽرين مارچ ۾ وڏو وزير مراد علي شاهه ۽ ٻيا پي پي اڳواڻ ۽ عورت جيالين سوڌو ڪارڪنن جو وڏو انگ شامل هو. لانڍي اسٽيشن تي جڏهن ٽرين مارچ پهتو ته ڪارڪنن جيئي ڀٽو جيئي بلاول جي نعرن سان سندس آجيان ڪئي. اُن موقعي تي پارٽي جي گيتن تي ڪارڪنن رقص پڻ ڪيو. 25 مختلف جاين تي خطاب بعد لاڙڪاڻي جي سر شااهنواز اسٽيشن تي پهچڻ بعد سندس ڪارروان پڄاني تي پهتو. هن چيو ته سندس مارچ جو مقصد عمران خان جي حڪومت ڪيرائڻ ناهي. هن چيو ته عوامي مداد ۾ لانگ مارچ به ڪري سگهون ٿا. پي پي اڳواڻ نثار کهڙو جو چوڻ آهي ته هن مارچ جو مقصد چار اپريل تي شهيد ڀٽو جي ورسي لاءِ ماڻهن کي وڌ کان وڌ گڏ ڪري ڀرپور عوامي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ آهي. جنگ شاهي، ڪوٽڙي ۽ حيدرآباد ۾ به ڪارڪنن سندس ڀرپور استقبال ڪيو. ٽرين مارچ جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو