برسات بعد ٿر ڪشمير ٿي ويو،سياحن جي آمد، سهولتون اڻلڀ

ڪلوئي (غلام مصطفي نهڙيو) ٿر جي سونهن پسڻ لاءِ هزارين سياح ٿر لٿل ٿر جي تاريخي ماڳن تي گهمڻ آيل سياحن جا ميلا متل انتظاميا پاران سياحن لاءِ ڪو به جوڳو بندوبست نه هئڻ ڪري ٿر گهمڻ آيل سياح مختلف پريشانين کي منهن ڏيڻ لڳا چوڏهين آگسٽ آزادي جي ڏينهن ٿر آيل مختلف شهرن کان سياحن سان ٿرپارڪر جي مختلف روڊن تي حادثا پيش جنهن ڪري ڪيترائي سياح زخمي ٿي پيا.

ٿر تي مسلسل چار سال کان ڏڪار واري صورتحال برقرار هئي پر هن سال ٿر تي بادل مهربان ٿي پيا سڄي ٿر تي سانوڻي رت جي ڀرپور برسات پئي جنهن ڪري ماروئڙن جي چهرن تي مرڪون موٽي آيون آهن ٿر جي سڪل واري سائي گاه جي چادر اوڍي ورتي آهي چوپائي مال جي چنگن ماحول کي موهي وڌو آهي ۽ هيلوڪي برسات کان پوءِ ٿر وادي ڪشمير بڻجي ويو آهي جڏهن ته ڪالھ چوڏهين آگسٽ جي آزادي ملهائڻ لاءِ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ هزارين سياح ٿر پهتل آهن جنهن ڪري ٿر جي تفريحي ماڳن ۽ تاريخي ماڳن جهڙوڪر گڍي ڀٽ ڀالوا ماروي جو کوه راڻا سر ترائي ڀوڏي سر مسجد جين مندر ڪاسٻو ڪارونجهر جبل تروٽ جو قعلو سميت تاريخي ماڳن تي گهمڻ آيل سياحن جا ميلا متل آهن

ھوڏانھن مختلف شهرن کان آيل سياحن وسيم فاروق جمن شيمم شازيه پٺاڻي ٻين چيو ته ٿر واقعي هڪ خوبصورت خطو آهي جهڙوڪ ڪشمير لڳو پيو آهي پر انتظاميه پاران هتي آيل سياحن لاءِ ڪو به بندوبست نه ڪيو ويو نه پئيڻ جو پاڻي نه وري رهائش کاڌ خوراڪ جو به ڪو بندوبست نه ڪيو جنهن ڪري اسان سخت پريشانين کي منهن ڏنو هوڏانهن ٿر گهمڻ آيل سياحن کي ٿرپارڪر جي مختلف هوٽل مالڪن ٻني هٿن سان لٽڻ لڳا هر شئي جا ريٽ ٽيڻ تي چاڙهي ڇڏيا جنهن ڪري پڻ سياح سخت پريشان نظر آيا جڏهن ته ٿر گهمڻ آيل سياحن جي لاءِ قدرتي حادثي ۾ زخمين کي اسپتال پهچائڻ لاءِ ٿر جي مختلف روڊن تي صحت کاتي ٿرپارڪر پاران سورنهن ايمبولينس ۽ انهن تي ڊاڪٽرن جون ٽيمون مقرر ڪيون ويون جيڪي مختلف روڊن تي زخمي ٿيندڙن کي کڻي اسپتالن تائين پهچائي نديون رهيون ھوڏانھن ضلع انتظاميا پاران ڪالھ حادثي ۾ زخمي ٿيل سياحن جي لسٽ جاري ڪئي ويئي جنهن ۾ هڪ سو کان مٿي سياح زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي ۽ سورنهن ڄڻن جي حالت خراب هئڻ ڪري حيدرآباد ۽ ڪراچي ريفر ڪيو ويو آهي هوڏانهن مختلف چيڪ پوسٽن تان گڏ ڪيل ڄاڻ موجب ته ڪالھ اڍائي کان ٽه لک سياح ٿر گهمڻ آيا ۽ هزارين گاڏيون ٿر ۾ داخل ٿيون هوڏانهن ٿر آيل سياحا ٿر جا تاريخي ماڳ ڏسي خوب لطف اندوز ٿيا ۽ آخر ۾ ٿر جي ميوات کنڀيون پپون ڪونڍير وٺي واپس پنهنجي ماڳ موٽيا.

پهنجو تبصرو موڪليو