بائيسڪل گول کان گرل فرينڊ سان سيڪس ۾ مزو آهي،رونالڊو

لنڊن( ويب ڊيسڪ) دنيا جي عظيم فٽبالر ڪرسچيانو رونالڊو چيو آهي ته بائيسڪل گول کان گرل فرينڊ سان سيڪس ۾ وڌيڪ مزو آهي. اهڙو اظهار هن برطانيا جي آءِ ٽي وي کي صحافي پئيرس مورگن کي ڏنل انٽرويو ۾ ڪيو آهي. گذريل سال هن ريال ميڊرڊ ڪلب پاران پنهنجي موجوده ڪلب يووينٽس خلاف کيڏندي هوا ۾ ابتي قلابازي کائيندي فلائنگ ڪڪ ذريعي گول ڪيو هو. ان گول بابت هن چيو ته مون 700 کان مٿي گول ڪيا آهن پر اهڙو گول ڪڏهن به نه ڪيو هو، جنهن کي بائيسڪل گول سڏيو ويندو آهي. ان تي صحافي کائنس پڇيو ته ان گول ۾ وڌيڪ مزو آهي يا گرل فرينڊ سان سيڪس ۾ ته هن چيو ته جورجيانو منهنجي زندگي آهي، ٻن سالن کان گڏ رهون ٿا، هو۽ اسانجي ڌيءَ جي ماءُ آهي ان سان گول جي ڀيٽ نٿي ڪري سگهجي. هڪ سوال تي هن چيو ته سندس والد پرتگال جي فوج ۾ هو ۽ تمام گهڻو شراب پيئندو هو، جگر جي بيماري ۾ فوت ٿي ويو، هن منهنجو عروج نه ڏٺو. تازو آمريڪي عورت ڪيٿرين پاران رونالڊو تي لڳل ريپ جي الزام بابت هن چيو ته اهو ڪوڙ آهي. منهنجو هن سان 2010 ۾ معاهدو ٿيو هو ۽ کيس 375 هزار دالر ڏنا هئم ته هوءَ آئنده ڪو به الزام نه هڻندي پر هن خلاف ورزي ڪئي آهي ته ڀلي ڪورٽ ۾ وڃي. هن چيو جڏهن ميڊيا ۾ الزام بابت پڙهندو ۽ ڏسندو آهيان ته تڪليف ٿيندي آهي، آخر اسانجو گهر ٻار آهي زندگي آهي ۽ اسانجي سچائي تي شڪ ڪيو ٿو وڃي، ان سان تڪليف ٿيندي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو