ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پيغامن جي استعمال ٿيندڙ معروف ترين سافٽ ويئر واٽس ايب اڄ کان ڪروڙين موبائل فونن تي بند ٿي ويندي. آپريٽنگ سسٽم هجي يا اينڊرائيڊ فون اڄ کان اهي سڀئي فون جن ۾ 7.3.2 جنجر بريڊ آپريٽنگ سسٽم کان پهرين جو ڪو به ورزن آهي ان موبائل ڊوائيس ۾ واٽس ايپ مڪمل طور بند ٿي ويندو. توهان کي اها حيرانگي ٿيندي ته اڄ به لکين موبائل فون ڄاڻايل آپريٽنگ سسٽم ئي موجود آهي حالانڪه اهي ٻئي آپريٽنگ سسٽم ڪيترائي سال پراڻا آهن جڏهن ته جنجر بريڊ 2010 ۾ لانچ ڪيو ويو هو. گوگل جي انگن اکرن مطابق 0.3 فيصد اينڊرائيڊ ڊوائيس هن مهل به جنجر بريڊ آپريٽنگ سسٽم تي هلي رهيا آهن جنهن جو مطلب اهو آهي ته سڄي دنيا ۾ 2 ارب 50 ڪروڙ اينڊرائيڊ ڊوائيس مان 75 لک فونن ۾ هاڻي به جنجر بريڊ سسٽم آهي ۽ جيڪڏهن انهن کي اپ گريڊ نه ڪيو ويو ته واٽس ايپ ان موبائل فونن ۾ نه هلي سگهندو.










