اُٺن جي ڊوڙ، سڄي سنڌ مان ڀلوڙ اُٺ ميدان تي لٿل

صالح پٽ (نياز مهر) ديهه باديجي ۾ محراب شهيد. مهر جي مزار تي خليفي بگن عرف پکي شنباڻي پاران اٺن جي ڊوڙ ۽ راند جو ميلو مچايو ويو. ميلي ۾ صالح پٽ سميت گهوٽڪي، چونڊڪو، خانپور ۽ ٻين سنڌ جي علائقن کان سوين اٺ پهتل هئا. اٺن جي شوقينن پاران اٺن کي جهل، سنج، جُهمٽا، ڳانيون، نڪتا، مهاڙيون پارائي خوبصورت انداز سان سينگاريو ويو. ميلي ۾ آيل اٺن جي شوقينن جو چوڻ هو ته اٺن سان اسان جو بي انتها عشق آهي ۽ اٺن جي سواري ڪرڻ کي اسان هوائي جهاز جي سواري سمجهندا آهيون جن کي بي انتها سينگاري ميلي ۾ لاٿو ويندو آهي.

اٺن جي ڪاهه جي لحاظ سان ڪاڇي، اترادي، لاڙيچا ۽ ٻيا هزارين قسم هوندا آهن جن تي شوقينن پاران جلال، پکي، سونهن، مور، سينگار وغيره جهڙا نالا ڏنا ويندا آهن. ميلي ۾ اٺن کان مهار ذريعي ناچ، جهمر، رلو، ڊمن تي بيهڻ سميت مختلف قسم جا ڪرتب ڪرايا ويا. ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته هر سال اسان پنهنجي مدد پاڻ هي ميلو لڳرائيندا آهيون جنهن لاءِ حڪومتي سطح تي اسان سان ڪوبه تعاون ناهي ڪيو ويندو ڳوٺاڻن حڪومت سنڌ ۽ ثقافت کاتي کان مطالبو ڪندي چيو ته حڪومتي سطح تي مدد ڪري هنن ميلن کي هٿي وٺرائي وڃي ته جيئن ماڻهون ٻوسٽ واري ماحول مان نڪري لطف اندوز ٿي سگهن.

پهنجو تبصرو موڪليو