سکر (بيورو رپورٽ) سکر ائنٽي ڪرپشن کاتي طرفان سرڪاري آفيسرز طرفان رشوت وٺي ڪڻڪ پنجاب اسمگل ڪرڻ واري ڪوشش ناڪام بڻائڻ جي دعويٰ، سنڌ پنجاب دنگ لڳ ڪمون شهيد وٽ ڪارروائي دوران اسمگلنگ ۾ ملوث هجڻ جي الزام هيٺ مختيارڪار رشيد احمد، ڊسٽرڪٽ فوڊ آفيسر روشن علي، هيڊ ڪانسٽيبل رشيد احمد، عبدالرشيد، مشتاق علي ۽ ٽرڪ ڊرائيور گرفتار، ڇاپي دوران خوراڪ کاتي جا 2 فوڊ انسپيڪٽرز حفيط جويو، سردار ميراڻي ۽ فوڊ سپروائيزر فهيم ڏهر فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب، سرڪاري عملدارن سوڌو 8 جوابدارن خلاف ڪڻڪ اسمگلنگ جو ڪيس داخل، ايس پي ائنٽي ڪرپشن منير کهڙو چيو آهي ته سرڪاري عملدارن طرفان رشوت وٺي هڪ ڏينهن ۾ ڪڻڪ سان ڀريل 17 ٽرڪون پنجاب اسمگل ڪرايون ويون، ڪڻڪ سان ڀريل هڪ ٽرالر تحويل ۾ وٺڻ جي به دعويٰ ڪئي آهي.










