اسلام ڪوٽ (صادق بجير) اسان جون سڀ ريتون رسمون سوشل ميڊيا ۾ موجود آهن، سوشل ميڊيا جو مقصد ئي هڪ هنڌ گڏجڻ ۽ ڪچهريون ڪرڻ ۽ صلاح مشورو ڪرڻ آهي، اڳ ۾ سوشل ميڊيا جو روپ مڱڻهار فقير هوندا هئا، ماڻهن کي خيال مشين نه ڏنو آهي، مشين انسان جي پيروي ڪري ٿي. اسان جي هن ننڍي کنڍ جي ديو مالا سوشل ميڊيا آهي، سوشل ميڊيا موبائل فون رستي وڌي آهي. اسان کي سوچڻ گهرجي ته پهرين ڄاڻ حاصل ڪري پوءِ استمعال ڪريون، ڄاڻ کان سواءِ سوشل ميڊيا جو استمعال ڪرڻ نقصانده ثابت ٿيندو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار پروفيسر نور احمد جنجهي پريس ڪلب هال اسلام ڪوٽ ۾ سينيئر صحافي عبدالغني بجير جي سالگرھ جي موقعي تي منعقد ڪيل سماج جا تعميري لاڙا ۽ سوشل ميڊيا جو استعمال جي عنوان هيٺ ڪوٺايل ليڪچر پروگرام کي خطاب ڪندي ڪيو. نور احمد جنجهي وڌيڪ چيو ته ماڻهو جي سوشل ميڊيا تي هاڪاري پوسٽ رکي ٿو ته ڪير ان کي نٿو روڪي انهي مان ماڻهو جي سوچ ۽ قد ڪاٺ جي خبر پوندي آهي. اهاڪڏهن به آزادي نٿي چئي سگهجي جو ٻئي جا حق مارجن يا ٻئي جي راءِ کي اهميت نه ڏجي. هن وقت پڙهيل لکيل ماڻهو لاءِ پهرين سٺي سوچ هئڻ ضروري آهي،ملڪ جي ڪروڙين ماڻهن وٽ موبائل آهن،جيڪي سوشل ميڊيا تي موجود آهن پر انهي کي هلائڻ وارا پاڻ آهيون پاڻ ئي سوشل ميڊيا ذريعي مثبت لاڙا پيدا ڪري سگهون ٿا، انسان هن وقت زمان ۽ مڪان کي فتع ڪرڻ جي ڊوڙ ۾ لڳو پيو آهي، انهي حٻش ۾ انسان پنهنجو نقصان ڪري رهيو آهي، انهي لاءِ پاڻ تي پهرين ڪنٽرول ڪرڻو پوندو، فطرت ڪٿي بيهي نٿي. هن وڌيڪ چيو ته سوشل ميڊيا اسان جو ڪجهه نٿي بگهاڙي اهو دارومدار پاڻ تي آهي ته هن جو استمال ڪيئن ڪريون ٿا،ماڻهو سدائين آزمائش ۾ هوندو آهي،هڪ طرف لالچ آهي جيڪا انسان کي غلط رستي تي وٺي ويندي آهي، اسان تعليم ذريعي ترقي ڪري سگهون ٿا ڪنهن به شئي جو مقابلو ڪرڻو آهي ته تعليم حاصل ڪرڻ ضروري آهي پر اهو به نه وسارڻ گُهرجي ته رڳو تعليم سڀ ڪجهه آهي،هاڻي جيڪو دور اچي رهيو آهي اُنهي ۾ يونيورسٽين جي ڊگرين جي نه سُٺي تخليقي ذهن جي ضرورت پوندي. سوشل ميڊيا جو جهان وڏو آهي،جتي سموري دنيا ڳنڍيل آهي،اسان کي اهو نه سوچڻ گُهرجي ته ڪنهن لکڻي جي ڪري اسان ڪو ذاتي مقصد ۾ ڪامياب ٿينداسين پر اهو چسڪو عارضي مزو ضرور ڏيندو آهي پر باقي پڙهندڙ ۽ ڏسندڙن وٽ انهي جي اهميت گهٽجي ويندي آهي،اڄڪلهه جي وقت ۾ نوجوان سوشل ميڊيا کي صرف ٽائيم پاس سمجهي ٿو پر اسان کي سکڻو ۽ سمجهڻو پوندو. صحافي عبدالغني بجير پنهنجي سالگرھ کي هڪ ليڪچر پروگرام ۾ تبديل ڪري هڪ بهترين ڪم جي شروعات ڪئي آهي،آئون پنهنجي سالگرھ ناهيان ملهائيندو، ڪوشش ڪري هر سالگرھ تي هڪ کان ٻه ڪتاب لکي وٺندو آهيان،عبدالغني بجير به هڪ سُٺي روايت قائم ڪئي آهي،اسان کي سالگرهون صرف ڪيڪ ڪٽڻ تائين نه رکڻ گُهرجن اهڙا ليڪچر پروگرام منعقد ڪري پنهنجي نوجوان نسل کي سيکاريون ته ڪهڙي طرف سُٺو رستو وڃي پيو انهي طرف اچو. اسان سڀني تي اهو فرض ٿئي ٿو ته پاڻ وٽ جيڪا به ٿوري گهڻي ڄاڻ آهي اها نوجوانن تائين پهچايون. نوجوانن کي اها اپيل آهي ته سنڌ جي تاريخ کي پڙهڻ نه وساريو، جستائين توهان تاريخ جو مطالعو نه ڪندا تيستائين توهان سوشل ميڊيا کي به سمجهي نه سگهندا. اُنهي ڪري شاھ عبدالطيف ڀٽائي سميت سڀني کي پڙهڻو پوندو، سنڌ هزارين سال پراڻي تاريخ رکي ٿي،اها پڙهڻ گهرجي، ڪتابن طرف لاڙو وڌيڪ هجڻ گُهرجي. اسان کي شهرن توڙي اوطاقن ۾ لائبريريون کولڻ کپن،اهڙا ليڪچر توڙي سرڪل پروگرام ٿيڻ کپن جنهن سان اسان جي ايندڙ نسل ۽ نوجوانن کي ڄاڻ ملي. ان موقعي تي صحافي عبدالغني بجير، شاهنواز خاصخيلي، اشوڪ شرما ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، ليڪچر پروگرام ۾ ٽائون چيئرمين ڪمليش ڪمار، اسپتال جي ايم ايس پيرغلام نبي شاھ جيلاني،ڀائيخان بجير،ڊاڪٽر شنڪرلال ونڪواڻي، ڪلديپ پارواڻي، قربان علي اُنڙ، قيمت بٽاڻي، شاهنواز خاصخيلي، اسلم ڪنڀر، الطاف ڪنڀر، شنڪرسانگي، نريش ڪمار، ساگرمکي سميت پريس ڪلب جي صحافين سڪندر علي بجير،غازي بجير،مبارڪ بجير،الطاف بجير اسماعيل، احمد علي سانگي، سجاول بجير ۽ ٻين شرڪت ڪئي.










