ايمنسٽي اسڪيم هيٺ 70 ارب ٽيڪس وصول، لک نوان ٽيڪس ڏيندڙ رجسٽرڊ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽرعبدالحفيظ شيخ ٻڌايو آهي ته ايمنسٽي اسڪيم تحت هڪ لک 37 هزار ماڻهن فائدو حاصل ڪيو، 70 ارب رپيه ٽيڪس جي صورت ۾ قومي خزاني ۾ جمع ٿيا ۽ 3 هزار ارب جا اٽاثا ظاهر ڪيا ويا.

وفاق گادي واري شهر۾ روينيو جي مملڪتي وزير حماد اظهر ۽ چيئرمين ايف بي آر شبر زيدي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن ايمنسٽي اسڪيم کي ڪامياب ترين اسڪيم قرار ڏيندي چيو آهي ته ايمنسٽي اسڪيم جو اهم مقصد ٽيڪس ڏيندڙن جي تعداد وڌائڻ آهي. اسڪيم سان ڪارو ناڻو اڇو ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويو ۽ فائدو کڻندڙ نوان ٽيڪس ڏيندڙ آهن. هڪ لک کان وڌيڪ ماڻهو پهريون دفعو رضاڪارانه طور ٽيڪس نيٽ ۾ آيا آهن.هن چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام جي منظوري کانپوءِ ٻيا مالياتي ادارا به پاڪستان کي فنڊ ڏيندا، قرض واپس ڪرڻ لاءِ محنت ڪرڻي پوندي. هن وڌيڪ چيو ته آءِ ايم ايف جي پئڪيج سان معيشت ۾ استحڪام ايندو. ايشيائي ترقياتي بئنڪ 3.2 ارب ڊالر پاڪستان کي اضافي ڏيڻ جو سوچي رهي آهي،  عالمي مالياتي بئنڪ به پاڪستان کي اضافي رقم ڏيندي.اسان کي پنهنجا خرچ گهٽ ڪرڻ سان گڏ ڏکيا فيصلا ڪرڻا آهن. هن چيو ته امير کان ٽيڪس وٺڻي آهي ۽ ڪمزور طبقي جو دفاع ڪرڻو آهي، عورتن جي ڀلائي لاءِ فنڊ ۾ 100 ارب رپين جو اضافو ڪيو ويو آهي، بجيٽ ۾ ڪاروباري سيڪٽر کي سهولتون ڏنيون ويون آهن. هن وڌيڪ چيو ته آءِ ايم ايف کان هر سال 2 ارب ڊالر ملندا ۽ 8 جولاءِ تائين آءِ ايم ايف کي پهرين قسط هڪ ارب ڊالر ملي ويندي. ان قرض تي وياج 3 سيڪڙو آهي.اسٽيٽ بئنڪ کي وڌيڪ خود مختياري ڏني آهي ته جيئن هو انٽرنيشنل بئنڪ وانگر اڳيان اچي. روينيو جي مملڪتي وزير حماد اظهر چيو ته جتي به بي نامي ملڪيتون پڪڙينداسين  ان مٿان قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي پوءِ اهو پي ٽي آءِ جو هجي يا ڪنهن ٻئي پارٽي جو سڀني لاءِ قانون برابر آهي. شبر زيدي چيو ته انڊسٽر کي حراسان نٿا ڪرڻ چاهيون. صنعتڪارن کي بهترين طريقي سان چونداسين ته رٽرنز جمع ڪرائين، اسان وٽ پنجاب ۾ پراپرٽي جو سمورو رڪارڊ اچي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو