اوپو فونز جا نوان اپ گريڊ ماڊل پاڪستان ۾ متعارف

ڪراچي (ايم بي ٻٻر) اوپو پاران نوان فليگ شپ فونز پاڪستان ۾ متعارف ڪرايا ويا آھن رينو 2 ۽ رينو 2 ايف جي نالن سان اهي سمارٽ فونز هلندڙ سال ئي متعارف ڪرايل رينو فونز جا اپڊيٽ ورشن آھن، انهن ٻنهي فونن ۾ پٺئين پاسي 4 بيڪ ڪئميرا ڏنل آھن تنهن هوندي به پراسيسر جو فرق آھي رينو 2 اصل ۾ رينو 10 x جيترو طاقتور ناهي جيڪو اڃان تائين انهي سيريز جو تيز ترين فون آھي جنهن ۾ اسنيپ ڊراگون 855 پراسيسر ڏنل آھي بنيادي طور ان سيريز جا فونز اسٽينڊرڊ رينو فون جا اپڊيٽ ورشن ۽ مڊ رينج سمجهي سگهجن ٿا رينو 2 ۾ 6.5 ڊائنامڪ اموليڊ ڊسپلي اسنيپ ڊارگون 730 پراسيسر 8 جي بي ريم ۽ 256 جي بي اسٽوريج جي سهوليت موجود آھي ان جي پٺيان 48 ميگا پڪسل مک ڪئمرا، 8 ميگا پڪسل وائيڊ اينگل ڪيمرا، 13 ميگا پڪسل ٽيلي فوٽو لينس ۽ 2 ميگا پڪسل مونو ڪروم سينسر ڏنو ويو آھي جنهن سان گڏ 5 ايڪس هائيبرڊ ۽ 25 ايڪس ڊجيٽل زوم موجود آھي ان جي مھڙ تي شارڪ فن جي صورت ۾ 16 ميگا پڪسل پوپپ سيلفي ڪئمرا موجود آھي جنهن سان گڏ ايل اي ڊي فليش به ڏني وئي آھي رينو 2 ايف ۾ بيليو پي 70 پراسيسر موجود آھي 8 جي بي ريم ۽ 128 جي بي اسٽوريج ڏني وئي آھي جڏهن ته 6.5 انچ او ايل اي ڊي ڊسپلي آهي هن فون ۾ به پٺئين پاسي 4 ڪئمرا موجود آھن جنهن ۾ 48 ميگا پڪسل ڪئمرا، 8 ميگا پڪسل وائيڊ اينگل ڪئمرا 2 ميگا پڪسل مونو ڪريم لين ۽ 2 ميگا ڪسل پورٽريٽ لينس شامل آھن. ٻنهي فونن ۾ يو ايس بي جھڙو سي وي او وا سي 3.0 فاسٽ چارجنگ سپورٽ بيڊ فون جيڪ 4 هزار ايم اي ايڇ بيٽري، ڊسپلي جي اندر فنگر پرنٽ سينسر ۽ اوپو ڪلر او ايس 6.1 آپريٽنگ نظام اينڊرائيڊ پائي سان ڪيو ويو آھي اھڙي طرح ايس ڊي ڪارڊ سپورٽ به موجود آھي جنهن سان  اسٽوريج کي وڌائي سگهجي ٿو. هي ٻئي فون پري آرڊر ذريعي گھر ويٺي گھرائي سگهجن ٿا. ان ڏس ۾ رينو 2 جو ملھ 79999 رپيا آھي جڏهن ته 2 ايف جو ملھ 59999 رپيا رکيو ويو آھي

پهنجو تبصرو موڪليو