اورنج لائين ٽرين جو ڪرايو 40 رپيا ڪرڻ جي منظوري

لاهور (بيورو رپورٽ) وزيراعليٰ پنجاب عثمان بوزدار اورنج ٽرين جي ڪرائي جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ته جڏهن ته ميٽرو بس جي ڪرائي ۾ واڌ واري تجويز رد ڪري ڇڏي جنهن کان پوءِ ميٽرو بس جو ڪرايو 30 رپيا ئي برقرار رکيو ويو. لاهور اورنج لائن ميٽرو ٽرين جي آپريشنل امور سان گڏ ڪرائن جي معاملن تي به اصولي فيصلو ڪيو ويو. انتظاميه وزيراعليٰ پنجاب عثمان بوزدار کي اورنج لائن ٽرين جو ڪرايو 50 رپيا مقرر ڪرڻ جي تجويز به ڏني پر وزيراعليٰ ڪرايو 50 بجاءِ 40 رپيا مقرر ڪرڻ جو اصولي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعليٰ کان پوءِ لاهور اورنج ميٽرو ٽرين جي ڪرائي جي حتمي منظوري پنجاب ڪابينه جي اجلاس ۾ ڏني ويندي. ٻئي طرف انتظاميه طرفان ميٽرو بس جي سبسڊي گهٽ ڪرڻ لاءِ ڪرائي ۾ اضافي جي تجويز ڏني وئي هئي جنهن کي وزيراعليٰ رد ڪندي چيو ته ميٽرو بس جو ڪرايو 30 رپيا ئي رهندو.

پهنجو تبصرو موڪليو