پاڪستان انگلينڊ کي 14 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

ڪراچي(ڊيسڪ رپورٽ) پاڪستان ۽ انگلينڊ ۾ ورلڊ ڪرڪٽ ڪپ جي ڇهين ميچ جي ٽاس انگلينڊ کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، ناٽنگهم ۾ ٿيندڙ ميچ ۾ پاڪستان ٻه تبديليون ڪيون  حارث سهيل جي جاءِ تي آصف علي ۽ عماد وسيم جي جاءِ تي شعيب ملڪ کي کيڏائڻ جو فيصلو ڪيو. پاڪستان انگلينڊ کي 14 رنسن تان شڪست ڏئي ميچ کٽي ورتي. روٽ ۽ بٽلر جون سينچريون به انگلينڊ کي بچائي نه سگهيون. حفيظ مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. پاڪستاني اوپنرز جو بهترين اسٽارٽ 9 اوورز ۾ 67 رنز ٺاهيون. پاڪستان 50 اوورز ۾ 8 رانديگرن جي نقصان تي 348 رنز ٺاهي هن مهل تائين ورلڊ ڪپ جو هائيئيسٽ اسڪور ٺاهيو آهي. انگلينڊ کي کٽڻ لاءِ 349 رنز گهربل آهن. فخرالزمان 36 رنسون ٺاهي معين جي بال تي اسٽمپ آئوٽ ٿيو. معين جي بال تي امام الحق 44 رنز تي ڪيچ آئوٽ ٿي ويو. بابر 63 رنز تي آئوٽ ٿيو. حفيظ 84 رنز، آصف علي 14 ، سرفراز55 رنز، شعيب ملڪ 8 ۽ وهاب 4 رنز ٺاهي پويلين موٽيا. واضح رهي ته ٽرينٽ برج ناٽنگهم جو گرائونڊ بيٽسمينن لاءِ هڪ جنت آهي. انگلينڊ جا هاءِ اسڪورنگ رڪارڊ 2016 ۾ 444 پاڪستان خلاف ۽ گذريل سال 481 رنز جو رڪارڊ به هن گرائونڊ ۾ ٺاهيو هو. انگلينڊ جي اننگ شروع ٿي ته 3 اوور ۾ شاداب جي بال تي جيسن راءِ 12 جي مجموعي اسڪور تي 8 رنسون ٺاهي ايل بي ڊبليوآئوٽ ٿي ويو. بيئر اسٽوو 32 رنز ٺاهي وهاب جي بال تي ڪيپر هٿان ڪيچ ٿيو. روٽ 107، اسٽوڪس 13، بٽلر103، معين 19، ووڪس 21، آرچر هڪ، راشد 3 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. جڏهن ته ووڊ 10 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو. وهاب 3 وڪيٽ، عامر ۽ شاداب ٻه ٻه، حفيظ ۽ شعيب هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.

پهنجو تبصرو موڪليو