انٽرنيٽ استعمال ڪندڙ ملڪن ۾ پاڪستان 76هين نمبر تي

انٽرنيٽ استعمال ڪندڙ ملڪن ۾ پاڪستان 76هين نمبر تي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڪنامڪ انٽيلي جنس يونٽ ( اِي آءِ يو) پاران جاري ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڏکڻ ايشيا ۾ انٽرنيٽ استعمال ڪرڻ ۾ پاڪستان اڪثر ملڪن پوئتي آهي. انڪليوزو انٽرنيٽ 2020 واري رپورٽ ۾ دنيا جي 100 ملڪن بابت رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي. اسڪيل جي پئماني موجب پهرين نمبر تي وڌ کان وڌ ۽ 100 هين نمبر تي گهٽ ۾ گهٽ استعمال ڪندڙ ملڪن جا نالا آهن. انٽرنيٽ استعمال ڪرڻ وارن ۾ پاڪستان جو نمبر 76هون آهي. هن سروي ۾ انٽرنيٽ جي فراهمي، نيٽ ورڪ اسپيڊ، قيمت سميت هر پهلو کي نظر ۾ رکيو ويندو آهي. هي رپورٽ فيس بڪ تيار ڪندو آهي ۽ جيڪي هڪ سو ملڪ هن ۾ شامل آهن اهي دنيا جي 91 سيڪڙو آبادي رکن ٿا ۽ دنيا جي، جي ڊي پي جو 96 سيڪڙو نمائندگي ڪن ٿا. هي چوٿين سالياني رپورٽ آهي. ايشيا جي 26 ملڪن مان پاڪستان 24هين نمبر تي آهي جڏهن ته دنيا جي 100 ملڪن ۾ سندس نمبر 76هون آهن. دنيا ۾ بنگلاديش 70، سريلنڪا 56 ۽ ڀارت 46 هين نمبر تي آهي. پاڪستان ۾ انٽرنيٽ جي دستيابي ۽ اسپيڊ کي بدترين قرار ڏنو ويو آهي. انٽرنيٽ جي دستيابي، فراهمي ۽ استعمال ۾ پهريون نمبر سوئيڊن جو آهي، ان بعد نيوزيليند ۽ آمريڪا، آسٽريليا ۽ ڊنمارڪ ٻئي چوٿين نمبر تي آهن. بدترين انٽرنيٽ سروس جي لحاظ کان لائيبيريا، مڊغاسڪر، ملاوي ۽ برڪينا فاسو آهن. سروي ۾ 99 ملڪن جي 4953 ماڻهن کان راءِ وٺي سروي رپورٽ مرتب ڪئي وئي آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته دنيا جي ساڍا ٽي ارب آبادي کي انٽرنيٽ جي سهولت ميسر ناهي. دنيا ۾ 4 ارب 10 ڪروڙ ماڻهن کي انٽرنيٽ جي سهولت دستياب آهي. دنيا جي 54 ملڪن ۾ 4 جي سهولت ميسر آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو