انقلابي غلام حيدر ڪلادي جي ورسي تقريب منعد

گهوٽڪي (عرفان علي سومرو) پوري زندگي هارين جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ انقلابي ڪامريڊ مرحوم غلام حيدر ڪلادي جي ٻي ورسي مومل جي ماڙي لڳ سندس ابائي ڳوٺ ارباب ڪلادي ۾ ملهائي وئي. ورسي تقريب ۾ مختلف سياسي سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري ڪامريڊ انقلابي غلام حيدر ڪلادي جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي دعا گهري. ان موقعي ته ورسي تقريب کي خطاب ڪندي ڪامريڊ عباس ڪلادي، عاشق ڪلادي، سارنگ ڪلادي، عبدالحئي ڀٽو، مهراڻ سنڌي، يونس ڀٽو، ثناءُ الله ڀٽو، زيڊ اي بخاري، سرويچ ڪلادي، صمد ڪلادي، نورل فقير ڪلادي، خادم حسين ۽ ٻين چيو ته انقلابي ڪامريڊ غلام حيدر ڪلادي هميشه هارين جي حقن لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪئي.

هن وقت جي يزيدن سان مهاڏو اٽڪايو انقلابي هر سياسي سماجي جدوجهد ۾ سرگرم رهيو. هنن چيو ته هن حقن جي خاطر وڏيرن ۽ ڀوتارن سان ويڙھ ڪئي جنهن ڪري علائقي جا ماڻهون کيس انقلابي جي لقب سان ڪوٺيندا هئا انقلابي غلام حيدر ڪلادي اڄ اسان وٽ موجود ته ناهي پر انقلابي جي ڪيل جدوجد هميشه هتان جي ماڻهن جي دلين ۾ زندھ آهي. هوڏانهن انقلابي ڪامريڊ غلام حيدر ڪلادي جي ورسي تقريب ۾ صوفياڻي محفل پڻ ٿي گذري جنهن ۾ شريڪ صوفي فنڪارن پنهنجي مڌر آواز ۾ صوفياڻا ڪلام پيش ڪيا.

پهنجو تبصرو موڪليو