screen shot: File photo

انساني وار ڪبوترن کي پيرن کان محروم ڪرڻ لڳا

پيرس (ويب ڊيسڪ) شهرن ۾ هڪ ٽنگ کان محروم ڪبوتر ڏٺا ويندا آهن ان جي متاثر ٿيڻ جو هڪ عجيب سبب سامهون آيو آهي ته انساني وار ڪبوترن کي اٻاهج بڻائي رهيا آهن. ڪيترائي ڪبوتر پيرن کان محروم ڏٺا ويندا آهن جنهن لاءِ چيو ويندو آهي ته اهي ڪبوتر پنهنجي پيٽ تي بيٺا آهن جنهن ڪري انهن جي ٽنگن ۾ انفيڪشن ڦهلجي وڃي ٿو ۽ هو پيرن کان محروم ٿي وڃن ٿا. ڪجهه ماڻهن مطابق مختلف ڪيميڪل ۽ ماحول ۾ گدلاڻ سبب اهي انفيڪشن جو شڪار ٿين ٿا ۽ انهن جا پير ڳرڻ شروع ٿين ٿا. پکين جي ماهرن ڪبوترن جي پيرن ۾ وچڙيل انساني وارن جو جائزو ورتو انهن جو خيال آهي ته انساني وار انهن پکين جي پيرن ۾ چنبڙي وڃن ٿا جيڪي تمام تيز ۽ سخت هوندا آهن اهي آهسته آهسته سوڙها ٿي ان جي رت جي رواني کي روڪي ڇڏيندا آهن جنهن ڪري هو پيرن کان مفلوج ٿي وڃن ٿا ۽ انهن جا پير ڇڻي پون ٿا. ان حوالي سان فرانس جي ميوزيم نيچرل هسٽري جي ماهر فريڊ رخ جيگائو پنهنجي ساٿين سان گڏ سڄي پيرس جو جائزو ورتو. آبادي، ماحول ۽ ڪبوترن جو جائزو ورتو جنهن کان معلوم ٿيو ته جتي شور، آبادي، فضائي آلودگي تمام گهڻي هوندي آهي اتي پيرن کان مفلوج ڪبوترن جي تعداد ٻين علائقن کان گهڻي هئي. جنهن کان پوءِ هن حجامڪو دڪانن، هيئر ڊريسر ۽ پارلر جو معائنو ڪيو جتان پيرن کان اٻاهج ڪبوترن جو تعداد سڀني کان وڌيڪ هو. ڊاڪٽر فريد رخ مطابق پکي پاڻ وارن ۾ نه ٿا ڦاسن پر ان جي پير هيٺان ايندڙ وار تيزي سان ان کي چنبڙي وڃن ٿا ۽ آهسته آهسته تمام سوڙها ٿي ڪبوترن کي مفلوج بڻائي ڇڏين ٿا. ماهرن پنهنجي رپورٽ ۾ لکيو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن علائقي ۾ سرسبز ۽ ساوڪ گهڻي هجي ته ڪبوتر اتي تمام گهڻو خوش رهندا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو