انسانن لاءِ خطرو، دنيا مان تيزي سان ختم ٿيندڙ 6 اهم قدرتي وسيلا

دنيا مان وسيلن جي گهٽتائي جو احساس وڌي رهيو آهي، اهو ته اسان سڀني پڙهيو هوندو ته پاڻي جي کوٽ دنيا ۾ وڌي رهي آهي ۽ ان سان سنگين مسئلا پيدا ٿيندا، تيل جا ذخيرا ۽ ماکي جون مکيون به موسمياتي تبديلين ۽ ٻين سببن جي ڪري گهٽجي رهيا آهن. اڄ اوهان کي هتي اسين دنيا مان ختم ٿيندڙ ۽ خاص ڪري اسانجي بدانتظامي سبب گهٽ ٿيندڙ  6 اهم قدرتي وسيلن بابت ڄاڻ ڏينداسين.

1. زمين جي مدار جي گنجائش: سائنسدانن جو چوڻ آهي ته 2019 تائين زمين جي مدار ۾ 5 لک اهڙا ٽڪرا گردش ۾ آهن جن مان 2 لک ته فعال آهن يعني اهي مصنوعي سيارا يا سيٽلائيٽس وغيره آهن، جن ذريعي اسين موبائيل فون، ٽي وي، جي پي آر ايس، موسمي معلومات وغيره حاصل ڪريون ٿا. جڏهن ته 3 لک ٽڪرن تي ٻڌل اهڙو ملبو آهي جيڪي خلائي تحقيق لاءِ موڪلجندڙ راڪيٽن وغيره جا ٽڪرا آهن جيڪي گهمندي ڦرندي پاڻ ۾ ٽڪرائبا رهن ٿا ۽ روز نوان وڌيڪ ٽڪرا جنم وٺن ٿا.

سائنسدانن جو چوڻ آهي ته 5 لک ٽڪرا اهڙا آهن جيڪي سندن مشاهدي ۾ آهن، جڏهن ته زميني مدار ۾ گردش ڪندڙ اهڙا ٻيا لکين ملبي جا ٽڪرا به ٿي سگهن ٿا. جيئن جيئن ٽيڪنالوجي بهتر ٿئي پئي ايئن اسين خلائي تحقيق وڌايون ٿا ۽ اهڙن ملبي جي ٽڪرن ۾ اصافو ٿيندو رهي ٿو. جهڙي طرح سڙڪن تي اسين ٽريفڪ ڪنٽرول ڪريون ٿا اهڙي طرح خلا ۾ گهمندڙ ڦرندڙ  انهن ٽڪرن جي ڪنٽرول ڪرڻ يا انهن کي ختم ڪرڻ بابت اڃا ڪو نظام جڙي ناهي سگهيو پر ان بابت تحقيق هلي رهي آهي. خدشو اهو آهي ته انهن ٽڪرن جي سيٽلائيٽ وغيره سان ٽڪرائجڻ جي نتيجي ۾ روزمره جي استعمال واري ٽيڪنالوجي ڪنهن به مهل متاثر ٿي سگهي ٿي.

2. واري ۽ بجري :هي نالو ٻڌڻ سان اوهان کي ٿي سگهي ٿو کل اچي، ته دنيا مان واري ڪيئن ختم ٿيندي ؟ دنيا ۾ ايترا وڏا ريگستان آهن. حقيقت اها آهي ته دنيا ۾ ٺوس مادن ۾ جيڪا شئي سڀني کان وڌيڪ زمين مان ڪڍي وڃي ٿي اها ريتي ۽ بجري آهي. اقوام متحده موجب جنهن رفتار سان اهي شيون ڪڍيون وڃن ٿيون ان مقدار ۾ اهي ٺهن ڪون ٿيون، هزارين سالن جي قدرتي عمل، پٿرن جي گاٺ، ڀڄ ڀر سبب ٺهيل ريتي بجري جا ذخيرا وڏي پيماني تي تعميراتي ڪمن ۾ استعمال سبب گهٽجي رهيا آهن. اسانجي گهرن ۾ لڳل شيشا هجن يا موبائل جا پرزا اهي به واري مان ٺهن ٿا، واري ۽ بجري جي گهٽتائي سبب ماحولياتي تبديليون اچن پيون جنهن بابت اسان ڪڏهن غور ئي ناهي ڪيو. اهوئي سبب آهي ته دنيا ۾ واري ۽ بجري جي استعمال بابت عالمي قانونسازي جو مطالبو زور پڪڙي رهيو آهي.

3. هيليم: اوهان خوشي ۽ جشن جي موقعن تي اڪثر رنگ برنگي ڦوڪڻا يا غبارا ڏٺا هوندا، انهن ۾ جيڪا گيس ڀري ويندي آهي، اها هيليم گيس آهي. دنيا مان هيليم گيس جا ذخيرا به تيزي سان گهٽجي رهيا آهن، سائنسدانن جي اندازي موجب دنيا ۾ 30 کان 50 سالن تائين جي استعمال جا ذخيرا باقي بچيا آهن. اها گهٽ ماڻهن کي خبر هوندي ته جسم جي اندر تصوير ڪشي ڪندڙ طبي مشينن جهڙوڪ، ايم آر آءِ ، ڪينسر ۽ دماغ ۾ لڳل ڌڪ جي علاج ۾ استعمال ٿيندڙ  مشينن اندر مقناطيس کي ٿڌوڪرڻ لاءِ به هيليم گيس استعمال ڪئي وڃي ٿي. انهن مشينن جي استعمال سبب طب جي دنيا ۾ انقلاب برپا ٿيو آهي. ٿورو سوچيو جيڪڏهن اهو علاج متاثر ٿئي ته ڇا حشر ٿيندو؟

4. ڪيلا : تجارتي طور پيدا ٿيندڙ ڪيلن کي اڪثر ڪري فنگس يا ڦڦوندي لڳندي آهي ۽ ان بيماري کي پناما جي بيماري به سڏبو آهي. اسين جيڪي ڪيلا کائيندا آهيون اهو ڪيونڊش قسم جا هوندا آهن. خدشو آهي ته ڪيلن کي اها بيماري وڪوڙي وڃي ۽ اسين مستقبل ۾ ڪيلي کائڻ کان سڪي وڃون. ماضي ۾ ائين ٿي به چڪو  آهي جڏهن 1950 ۾ استعمال ٿيندڙ گراس ميچل نالي ڪيلي جي قسم کي سڄي دنيا ۾ اها بيماري لڳي هئي. جنهن بعد ڪيلي جو اهو قسم ختم ٿي ويو ۽ ڪيونڊش نالي نئين جنس آئي. سائنسدان ان بابت تحقيق ڪن پيا ته جيئن موجوده ڪيلي جي جنس کي اها بيماري نه لڳي ۽ ڪيلي جي نئين جنس اهڙي به پيدا ڪجي جيڪا پاناما کان محفوظ به هجي ۽ کائڻ ۾ به لذيذ هجي.

5. قابل ڪاشت مٽي جو تهه: عام طور تي هاري ناري چوندا آهن ته زمين جي طاقت ڌرتي جي چپ ۾ هوندي آهي. اڄ اها حقيقت سائنسي تحقيق بعد سچي ثابت ٿي چڪي آهي. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته مختلف سبب جي ڪري ڌرتي جي مٿاڇري تهه واري مٽي جيڪا ٻوٽن جي کاڌ خوراڪ جو ذريعو آهي ان جي مقدار ۾ اسانجي بد انتظامي سبب گهٽتائي اچي رهي آهي، تحقيق ڪارن جو چوڻ آهي ته فوري طور تي ان جي خطرناڪ حد تائين گهٽجڻ جو امڪان ته ناهي پر هاڻي کان ان بابت سوچڻ ضروري آهي. جنگلي حيات بابت ڪم ڪندڙ  غيرسرڪاري عالمي تنظيم ڊبليو ڊبليو ايف جو چوڻ آهي ته گذريل 150 سالن ۾ مٿاڇري واري تهه جي اڌ مٽي ضايع  ٿي چڪو آهي. جنهن جي بحالي لاءِ 500 سال لڳي سگهن ٿا. زمين جي ڪٽاءَ، کيتي ٻاڙي جي مختلف طريقن، ڊيپ ڊرلنگ مشينن جي استعمال، ٻيلن جي خاتمي ۽ ٻين سببن جي ڪري گرمائش وڌي رهي آهي، جنهن سبب اها مٽي به متاثر ٿي رهي آهي جنهن تي اسانجي اناج اپائڻ جو دارومدار آهي. سوچيو جيڪڏهن اسان جي ڌرتي جي اناج اپائڻ جي سگهه گهٽجي وئي ته ڇا ٿيندو.

6. فاسفورس: عام تاثر آهي ته هن جو  روزمره جي زندگي ۾ عمل دخل گهٽ آهي پر حقيقت اها آهي ته انساني جسم ۾ ڊي اين اي جي جوڙجڪ ۾ فاسفورس جو وڏو ڪردار آهي. فصلن ۾ استعمال ٿيندڙ مصنوعي ڀاڻ يا کاڌ وغيره به فاسفورس مان ٺهي ٿو ۽ ان جي استعمال کانسواءِ ڀاڻ جي پيداور لاءِ ڪو متبادل هن مهل تائين دنيا ۾ پيدا ناهي ڪيو ويو. اڳ ۾ وڻن ۽ جانورن جي فضلي ذريعي فاسفورس وارا مادا زمين ۾ جذب ٿيندا هئا پر هاڻي شهرن جي وڌڻ ۽ انهن جي وڌندڙ آبادي سبب فاسفورس جاگهڻا جزا شهرن ۾ منتقل ٿيا آهن جتي اهي پاڻي سان ڌوپجي گٽرن ۽ نيڪال ۾ ضايع ٿي وڃن ٿا. ماهرن جو چوڻ آهي ته جنهن طرح اهو معاملو وڌي رهيو آهي ان سان خدشو آهي ته دنيا مان 35 کان 40 سالن ۾ فاسفورس جا ذخيرا خطرناڪ حد تائين گهٽجي ويندا ۽ اسانکي بک بري طرح ستائيندي رهندي. (بشڪريه بي بي سي)

پهنجو تبصرو موڪليو