امريڪي بحري ٻيڙو هڪ ميزائيل سان تباهه ڪري سگهجي ٿو، ايران

تهران (م ڊ) ايران جي هڪ سينئر اڳواڻ جمع جي خطبي ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته امريڪا جو بحري ٻيڙو هڪ ميزائل جي مار آهي ۽ مڪمل تباهه ڪري سگهجي ٿو. امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي بحري ٻيڙي ابراهم لنڪولن کي وچ اوڀر جي نار ۾ پهچڻ جو حڪم ڏنو آهي جنهن بعد ٻيڙو روانو ٿي چڪو آهي. سوئز ڪينال اختيارين جو چوڻ آهي ته خميس تي بيڙو مصر مان گذري ويو آهي. اهو ٻيڙو موڪلي امريڪي صدر ايران کي چتاءُ ڏنو آهي. ان تناظر ۾ اصفهان جي هڪ مسجد ۾ خطبي دوران ايراني اڳواڻ آيت الله طبطبائي نجاد چيو ته امريڪا جو اربين ڊالر جو اهو ٻيڙو ايران هڪ ميزائيل سان تباهه ڪري سگهي ٿو. اها خبر ايران جي نيم سرڪاري خابرو اداري ”آءِ ايس اين اي“ جاري ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو