الهداد زرداري جي پونئرن سان تعزيت جاري، مٺي ۾ تعزيتي ميڙاڪو

مورو/ مٺي (نمائندن وٽان) سنڌ جي ڀلوڙ راڳي الھداد زرداري جي وڇوڙي تي سندس پوئنرن سان تعزيت جو سلسلو جاري آھي ان سلسلي ۾ فنڪارن سياسي سماجي علمي ادبي شخصيتن سميت ھر مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙن پھچي دعا گھري، جن ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر شير محمد مھر، ڊي ايڇ او نوشھروفيروز ڊاڪٽر مظھر علي ڪلھوڙو، فنڪار شمن علي ميرالي، دلشير تيوڻو, پ پ ضلعي صدر فيروز خان جمالي ,سڪندر زرداري, اعجاز خاصخيلي,گل حسن سمون, وزير فرهاد سولنگي,اسلم عباسي, رئوف مگسي,سهراب فقير, امداد مڱڻھار سميت ٻين تڏي تي پھچي ڏک جو اظھار ڪري تعزيت ڪندي دعا گھري ۽ چيو ته لوڪ فنڪار الهداد زرداري جون پنهنجي فن لاء بيشمار خدمتون آھن.

هوڏانهن سنڌي ادبي سنگت شاخ مٺي ۽ ٿر لوڪ سنگيت اڪيڊمي پاران نامياري راڳي الهداد زرداري جي اوچتي لاڏاڻي تي تعزيتي ميڙاڪو  ڪوٺايو ويو. جنھن ۾ صدارتي خطاب ڪندي نامور شاعر شنڪر ساگر چيو ته الهداد جي وڇوڙي سان وڏو خال پيدا ٿيو آهي الهداد جا هزارين مداح آهن جن جي روح ۾  ڏک جو تڏو وڇائجي ويو آهي الهداد پنهنجي دور ۾ سنڌي موسيقي ۾ عوامي رنگ جي ڀرپور نمائيندگي ڪئي ليکڪ ۽ شاعر ڀارو مل امراڻي چيو ته موت سان ڪڏھن سپنا فوت نه ٿيا آهن الهداد سنڌ جي سهڻن سپنن کي ساڀيان جي پنڌ ۾ سرن جا سندر ويس پارايا آرٽسٽ امر هوندا آهن انهن جي تخليق ڪڏهن مرڻ نه ڏيندي آهي الهداد پنهنجي سرن ۾ امر رهندو ناليواري راڳي ڪريم فقير چيو ته الهداد محبتن جو سفير هو هن پوري زندگي راڳ ذريعي محبتون ورهايون جسماني طور جدا ضرور ٿيو آهي پر روحاني طور تي پنھنجي سرن ۾ اسان سان گڏ رهندو سنڌي ادبي سنگت شاخ مٺي جي سيڪريٽري شاعر شهاب نهڙيو چيو ته الهداد جون خدمتون ڪڏهن وساري نٿيون سگهجن سنڌي  راڳ جي تاريخ ۾الهداد جو نالو پنهنجي تخليقي انفراديت سان زنده رهندو شاعر گل گوماڻي چيو ته الهداد 80 جي زماني ۾ مٺي آيو هو هن کي ٻڌڻ لاءِ سوين ماڻهو گڏ ٿيا هئا الهداد سچو ۽ سريلو انسان هو نوجوان شاعر اياز ساهڙ چيو ته الهداد زرداري جهڙا راڳي صدين کانپوءِ پيدا ٿيندا آهن الهداد جي وڇوڙي سان موسيقي جي مداحن کي وڏو ڏک پهتو آهي ان موقعي تي  جئديو شرما نور محمد مهراڻي هريش راٺوڙ سنيل راٺوڙ اڪبر درس هيرو لوهار وحيد فقير فيضو فراقي   سلطان فقير  اقبال فقير ذاڪر فقير معشوق فقير مرچو ورتيو پڻ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو آخر ۾ ڪريم فقير هيرو لوهار اقبال فقير وحيد ڏيپلائي بهادر فقير نامياري راڳي الهداد کي سرن جي ڀيٽا پيش ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو