اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جڊيشل ڪميشن آف پاڪستان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ عورت سميت 3 نوان جج مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. خالي جاين تي مقرر ٿيل نوان جج وڪيلن مان مقرر ڪيا ويا آهن، جن جو تعلق اسلام آباد، سنڌ ۽ بلوچستان سان آهي. لبنيٰ سليم پرويز ڊپٽي اٽارني جنرل طور ڪراچي ۾ ڪم ڪندي هئي. اسلام آباد مان فياض انجم جندراڻ ۽ بلوچستان مان غلام اعظم قمبراڻي شامل آهن. 2011 ۾ قائم ٿيندڙ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پهريون ڀيرو ڪا عورت جج مقرر ڪئي وئي آهي. وفاقي گادي واري شهر ۾ قائم ڪيل هاءِ ڪورٽ جي قانون مطابق چيف جسٽس کانسواءِ 6 ججن جون جايون آهن ۽ انهن تي مقرري صوبن ۽ ٻين علائقن مان ڪئي ويندي.هن وقت 7 ججن جي منظور ڪيل عهدن تي رڳو 4 جج ڪم ڪري رهيا آهن ۽ عدالت ۾ 18000 کان مٿي ڪيس التويٰ جو شڪار آهن.










