اداڪاره سعديه غفار به شادي ڪري ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي نامور اداڪاره سعديه غفار پنهنجي دوست اداڪار ۽ گلوڪار حسن حيات سان نڪاح ڪري پنهنجي زندگي جي نئين سفر جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. اداڪاره پنهنجي شادي واري تصوير به سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي. جيڪا فوري تور تي وائرل ٿي وئي. جڏهن ته ان جي مڙس حسن حيات به نڪاح واري هڪ رومانوي تصوير مداحن سان شيئر ڪئي.سعديه پنهنجي نڪاح دوران هڪ نهايت خوبصورت سٺي لباس ۾ نظر آئي.جڏهن ته هن سادو ميڪ اپ ڪيو هو.نڪاح جي تقريب ۾ شوبز انڊسٽري سان تعلق رکڻ وارا ڪيئي ناليوارن اداڪارن شرڪت ڪئي. انهن  ۾ سجل علي، صبور علي، اقرا عزيز، ياسر حسين، زارا نور عباس ۽ اسد صديقي شامل هئا. سعديه غفور جي رخستي به مداحن جي توجهه جو مرڪز بڻيل هئي. نڪاح کان پهريون سعديه ۽ حسن جي ونواح ۽ ڍولڪي جي تقريب به منعقد ڪئي وئي هئي.جنهن جون تصويرون پڻ سوشل ميڊيا تي خوب وائرل ٿي چڪيون آهن.خيال هجي ته هلندڙ سال فيبروري جي آغاز ۾ ٻنهي اداڪارن جي مڱڻي ٿي هئي. ڪيريئر جي حوالي سان ڳالهه ڪئي وڃي ته 26 سال سعديه غفار کي ”مات“ ”ڪهڙي آهي تنهائي“۽ ”ڪهڙي ڏينهن منهنجو وياه ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو