احتساب عدالت پاران ٽن جوابدارن کي پنج پنج سال قيد ۽ ڏنڊ

سکر (رپورٽ امداد ڪلوڙ) سکر جي احتساب عدالت لاڙڪاڻي جي آبپاشي کاتي ۾ مبينه طور ٻن ڪروڙن جي ڪرپش ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٽن عملدارن کي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. عدالت پنهنجو محفوظ ڪيل فيصلو اڄ ٻڌايو. احتساب عدالت جي جج امير علي مهيسر فيصلو ٻڌائيندي ٽن جوابدارن انجنيئر بديع الزمان کي پنج سال قيد ۽ 33 لک ڏنڊ، لياقت راجپوت کي پنج سال قيد ۽ 96 لک ڏنڊ ۽ شبير دستي کي پنج سال قيد ۽ 89 لک رُپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. اهڙي فيصلي کانپوءِ ضمانت تي آزاد ٿيل ٽنهي جوابدارن کي هٿڪڙيون لڳائي سينٽرل جيل لاڙڪاڻو منتقل ڪيو ويو آهي. نيب جو چوڻ آهي ته لاڙڪاڻي جي آبپاشي کاتي ۾ ترقياتي ڪمن جي فنڊز ۾ ڪروڙين رُپين جي ڪرپشن جي حوالي سان جاچ بعد ريفرنس داخل ڪيو ويو هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو