ميهڙ، سيٺارجا ۽ پير ڳوٺ ۾ ملهه مقابلا، پهلوانن کي ڀرپور داد

ميهڙ/  پير ڳوٺ/ سيٺارجا (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ميلا ملاکڙا جاري آهن.جن ۾ سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب جا پهلوان به حصو وٺندا رهن ٿا. سنڌي ثقافت جي اهڃاڻ ملهه جا ڀرپور مقابلا ٿي رهيا آهن. ميهڙ مان غلام حسين پنھور موجب فقير محمد مراد ڏيپر جي ياد ۾ 6 هون ساليانو ميلو شروع ٿي ويو. جنهن جو افتتاح ڏيپر برادري جي چيف سردار ڪمال خان ڏيپر ڪيو . ميلو ميهڙ جي انڊس هاءِ تي لڳو آهي جيڪو 3 ڏينهن جاري رهندو .ميلي جي پهرين ڏينهن تي ملاکڙي جا مقابلا ٿيا پهرين جوڙ ۾ بابو ڀٽي ميدان ماري ورتو جڏهن ته ٻئي جوڙ ۾ شريف کوسو ميدان ماريو.

ملاکڙي ۾ ڪمينٽري سنڌ ملهه ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري پهلوان دادن ملاح ڪئي. ملاکڙي ۾ سنڌ جي پهرين جوڙ جي ڀلوڙ ملهه پهلوانن خدابخش هالو ، شوڪت شيدي ، بابو ڀٽي ، حمل چانڊيو ٻئين جوڙ ۾ شريف کوسو ، شبير گوپانگ ، عاشق اعواڻ ، چريو پنجابي ، شريف پنجابي ، علي گل ڪابورو ، خوني ڏاهري ، رشيد ڏاهري سميت ٻين ملهه پهلوانن حصو ورتو .ملاکڙي جي ڪوريج ڪندڙ صحافين اڪبر پنهور ، عبدالرحمٰن قمبراڻي ، عبدالغفار شاهاڻي ، عبدالغني ميراڻي ، صابر ڪولاچي ۽ ٻين کي اجرڪ ٽوپي پارايا ويا.  ميلي جو انتظام چيف آرگنائيزر شبير ڏيپر ، روشن ڏيپر ، حاڪم ڏيپر ، رئيس فضل کوسو ڪيو آهي. *** پيرجوڳوٺ مان صفيع الله مڱڻيجو موجب صوفي بزرگ حضرت محمد شريف شاھ جو ساليانو عرس شروع ٿيو آهي. درگاهه جي گادي نشين سيد نجم الدين شاهه صوفين جي سنگ ۾ چادر چاڙهي عرس مبارڪ جو افتتاح ڪيو، جڏهن ته عرس جي جي موقعي تي سنڌ ۽ پنجاب جي مشهور ملهه پلهوانن ديدار جمالي، اويس گهانگهرو، منٺار بگٽي، راڪيٽ شيدي ۽ ٻين زور آزمائي ڪري خوب داد حاصل ڪيو . ملهه پهلوانن کي رئيس محمد علي جاگيراڻي  منظور علي جاگيراڻي ۽ٻين پاران نقد انعام ۽ ٽرافيون ڏنيون ويون.

***سيٺارجا مان سجاد علي ڪٻر مطابق لطيف سائين جي قديمي تڪيي مبارڪ جي سالياني ميلي جي تقريبن ۾ شاھ لطيف فائونڊيشن پاران ڀٽائيءَ جي پيغام تي تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ ڀٽائي جي پارکو غلام عباس ويسر، فقير نجم انڙ، ايڊوڪيٽ غلام مھدي، آصف راڄپر، معشوق ملاح ،راجا ملاح ،طارق راڄپر، فقير صاحب خان لطيفي، ذاڪر ويسر، عبدالستار ۽ ٻين  خطاب ڪندي چيو ته شاھ لطيف جي شاعري انسانيت لاءِ امن محبت سھپ برداشت جو پيغام آهي ھينئر سخت ضرورت آهي ته اسين ڀٽائي جي فلسفي ۽ پيغام کي وڌ کان وڌ عام ڪيون.ان موقعي تي ملاکڙي ۾ محمد خان ڦل ۽ ٻين ملھه ماري داد وصول ڪيو. لطيفي راڳ رھاڻ ۾ رانجهن فقير.معصوم مختيار. فياض حسين ۽ ٻين لطيف سائين سميت مختلف شاعرن جا ڪلام ڳائي سج اڀاري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو