نوابشاھه (اي ڪي ڏاھري) صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو چيو آهي ته پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا ٻارن کي سڄي زندگي جي معذوري کان بچائڻ لاءِ تمام ضروري آهن ان لاءِ سڀئي والدين پنهنجي پنج سال عمر تائين جي ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا ضرور پياري کين سڄي زندگي جي معذوري کان بچائين. هن اھا ڳالھ تعلقه اسپتال سڪرنڊ، بينظيرڊسٽرڪٽ اسڪول نوابشاھه ۽ پيپلز ميڊيڪل اسپتال نوابشاھه ۾ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياري پنجن ڏينهن واري پوليوخلاف قومي مهم جو افتتاح ڪرڻ کان پوءِ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڪئي. صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته هن وقت پوليو وائرس پاڪستان ۽ افغانستان ۾ رپورٽ ٿي رهيو آهي جڏهن ته دنيا مان ان جو خاتمو ٿي چڪو آهي. هن وڌيڪ چيو ته هن سال ملڪ ۾ پوليو جا 100 کان وڌيڪ ۽ صوبي سنڌ ۾ 16 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جيڪا هڪ ڳڻتي جوڳي ڳالھ آهي ان لاءِ اسان سڀ گڏجي سياسي ۽ مذهبي اختلافن کي وساري ملڪ مان پوليو جي خاتمي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيون ته جيئن ملڪ مان پوليو جو خاتمو ممڪن ٿي سگهي هن وڌيڪ چيو ته هن مهم تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي ته جيئن پوليووائرس کي ڦهلجڻ کان روڪي سگهجي. صوبائي وزير صحت وڌيڪ چيو ته هن پوليو خلاف مهم دوران ٻارن کي پوليو کان بچاءِ جا ڦڙا پيارڻ سان گڏ وٽامن اي پڻ ڏني پئي وڃي ته جيئن ٻارن ۾ بيمارين کان بچاءَ جي سگھ پيدا ٿي سگهي. هن وڌيڪ چيو ته پوليو خلاف مهم جي دوران ڪنهن به قسم جي لاپرواهي کي هرگز برداشت نه ڪيو ويندو ڪوتاهي ڪندڙ عملي ۽ آفيسرن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي. صوبائي وزير عوام کي اپيل ڪئي ته هو پوليو ويڪسين جي خلاف سوشل ميڊيا تي هلائي ويندڙ مهم تي ڌيان نه ڏئي ۽ گهر گهر ايندڙ پوليو ٽيمن سان تعاون ڪري پنهنجي ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارين پوليو خلاف مهم کي ڪامياب بنائڻ ۾ حڪومت جو پڻ ساٿ ڏين.ان موقعي تي ميمبر سنڌ اسيمبلي ۽ چيئيرمين پبلڪ آڪائونٽس ڪميٽي غلام قادر چانڊيو، ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظيرآباد ابراراحمد جعفر، وائيس چانسلر پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي ڊاڪٽر گلشن ميمڻ، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر معين الدين شيخ، ايم ايس ڊاڪٽر محمد يوسف زرداري، اسسٽنٽ ڪمشنر طارق علي سولنگي، پ پ ضلعي صدر علي اڪبر جمالي، انفارميشن آفيسر شيرمحمد جمالي کان علاوه ٻيا واسطيدار آفيسر پڻ موجود هئا.
سنڌيار سکر 21 سيپٽمبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 21 سيپٽمبر 2024ع
پي ٽي آءِ کي مينار پاڪستان بدران ٻئي هنڌ تي جلسي جي اجازت
پارليمنٽ عوام بدران طاقتور جي خدمت ڪري پئي: فضل الرحمان
ججز ڪميٽي مان جسٽس منيب آئوٽ،جسٽس امين اِن،هم خيال جو تاثر وڌڻ لڳو
ڪراچي مان بين الصوبائي منشيات ڊيلر پيءُ ۽ ڌيءُ گرفتار
تمام جلد واٽس ايپ تبديل ٿي ويندو
عدالتي فيصلي تي مخصوص سيٽون الاٽ ڪيون وڃن، ڪي پي اسپيڪر
سنڌ جا 19 هزار 808 اسڪول برساتن سبب متاثر ، 7,503 مڪمل تباهه
شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي 28 هين ورسي ملهائي پئي وڃي
وزيرستان ۾ جھڙپ، 12 خوارج مارجي ويا، 6 جوان شهيد
پناهگير ڪيمپ تي اسرائيلي حملي ۾ ٻارن سميت 8 ڄڻا شهيد
صدر جي پريڪٽس اينڊ پروسيجر آرڊيننس تي صحيح،فوري لاڳو
آرڊيننس تحت ججز ڪميٽي جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي وئي: تارڙ
پنجاب ۾ اليڪشن ٽربيونل ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر
پي ٽي آءِ جلسو، ڊي سي جي لاهور پوليس کان رپورٽ طلب
ايف بي آر جي انفورسمينٽ سسٽم کي بهتر بڻائڻ ضروري آهي
شهرين جي آزادي تي ڪو سمجهوتو نه ٿو ڪري سگهجي: عدالت
اسٽاڪ مارڪيٽ 82 هزار جي تاريخي حد پار ڪري ورتي
آءِ سي سي وفد جي نقوي سان ملاقات،انتظامن تي اعتماد