سيد لعل شاهه بخاري جي سالياني ميلي ۾ پهلوان ميدان تي لٿل

پکو (عبدالوحيد ميئو) ڳوٺ وانر وڪا ۾ سيد لعل شاھ بخاري جي 4 ڏينهن وارو عرس ( ميلي ) جون تقريبون زور شور سان شروع ٿي ويون آھن. ميلي ۾ دوڪاندارن منيارڪي، ھار سينگار، مٺائي، سموسن ۽ ٻين کاڌي پيتي جي شين جا اسٽال لڳائي ڇڏيا آھن جتي خريدارن جي رش وڌي وئي آھي. جڏھن ته ميلي ۾ ماڻھن جي تفريح لاءِ ايراني سرگس، چوڏيل، اليڪٽرڪ جھولا، چڙيا گھر لڳايا ويا آھن جھولن ۽ سرگس تي ٻارڙن سميت وڏن جي پيھ متل رھي. ميلي جي پھرئين ڌمال کي ڏسڻ لاءِ علائقي جي ڳوٺن مان سوين ماڻھون پھچي ميلي مان لطف اندوز ٿي رھيا آھن.

جڏھن ته ميلي ۾ سنڌ جي ثقافتي راند ڪوڏي ڪوڏي به کيڏي وئي جنھن ۾ رانديگرن خوب نڀايو فاتح ملھ پھلوانن کي گادي نشين منظور علي وڪو نقد انعام ڏنا. ھوڏانھن ميلي ۾ راڳ رنگ جي محفل پڻ سجائي وئي جنھن ۾ مقامي فنڪارن يڪتاري ۽ چپڙي جي سر آلاپ ۾ سڄي رات پرھ ڦٽي تائين ڀٽائي سرڪار، سچل سرمست ۽ سامي جا ڪلام ڳائي محفل ۾ موجود ماڻهن کي جھومائي ڇڏيو. ٻئي طرف اولياءّ سيد لعل شاھ بخاري جي ميلي ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان مريدن ۽ عقيدت مندن جي آمد جو سلسلو جاري آهي.

ان حوالي سان سيد لعل شاھ بخاري جي گادي نشين متولي منظور علي وڪو ٻڌايو ته ھرسال جيان ھيل به بزرگ ھستي سيد لعل شاھ بخاري جو عرس مبارڪ جي سلسلي ۾ 4 روزه ميلو وڏي ڌام ڌوم سان ملھائي رھيا آھيون ان خوشي ۾ ميلي جو احتمام ڪيو ويو آھي جنھن ۾ روزانو سوين عقيدت مند پھچي حاضري ڀري رھيا آھن. عرس جي موقعي تي سڪيورٽي جا انتظام انتھائي سخت ڪيا ويا آھن ميلي ۾ لٺ، ڪھاڙي ۽ ھٿيار کڻي اچڻ جي سخت منع آھي. ميلي جي تقريبن کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ پنھنجي ڀرپور ڪوشش آھي ته پرسڪون ماحول ۾ خوشين جون تقريبون پوريون ٿي وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو