سماجي تنظيم جي ثقافتي ريلي، شهرين جو رقص، ميلي جا منظر

ڪنب (صفدرچانڊيو) هڪ سنڌ هڪ ثقافت جي حوالي سان ڪنب شھر ۾ سماجي تنظيم جي اڳواڻن امام ڏنو وساڻ، ياسر احمد سوڍڙو، نادرعلي وساڻ، نازل وساڻ، وقار علي وساڻ  منصور احمد پلھ ۽ ٻين  پاران تقافتي ريلي ڪڍي وئي. ريلي پيرظاهر ولي سرڪار کان ٿيندي مين چوڪ ڪنب وٽ پهتي جتي سماجي ڪارڪنن سنڌي ڪلامن تي رقص ڪري ايندڙ ويندڙ سڀني ماڻھن کي جهومائي ڇڏيو.

ان موقعي تي سماجي اڳواڻ امام ڏنو وساڻ، ياسر احمد سوڍڙي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هي ميلا قسمت سان نصيب ٿيندا آھن سنڌي ڏھاڙو عيد جي ڏھاڙي طور ملهائڻ گهرجي. جڏھن ته ريلي شھر جي مختلف رستن تان ٿيندي سٽي پريس ڪلب ڪنب پهتي جتي وڏي انگ ۾ موجود صحافين جنهن ۾ سينئر صحافي هريش ڪمار، غلام الله سيال، ضمير حسين ڀٽي، گلڻ ڄامڙو، عبدالوحيد کوکر، صفدرچانڊيو، اشوڪ ڪمار ۽ ٻين کي  سماجي اڳواڻ پاران سنڌي سوکڙيون اجرڪ ۽ ٽوپيون پيش ڪيون ويون.

پهنجو تبصرو موڪليو