ميرپور ماٿيلو ( رپورٽ ظھير وسير) ضلعي گهوٽڪي ۾ سارين جي فصل خلاف ڪريڪ ڊائون ڪرڻ جو فيصلو، خلاف ورزي ڪندڙن مٿان ڪيس داخل ٿيندا، تعلقي سطح تي ڪاميٽيون قائم. ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي محمد عثمان عبدﷲ جي صدارت هيٺ سندس آفيس ۾ سارين جي فصل خلاف آپريشن شروع ڪرڻ جي حوالي سان هڪ اهم گڏجاڻي منعقد ٿي جنهن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيارڪارن سميت زراعت، آبپاشي، رينجرز ۽ پوليس آفيسرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت پاران ضلعي گهوٽڪي ۾ سارين جو فصل پوکڻ تي مڪمل پابندي مڙهي وئي آهي انڪري ڪنهن کص به ساريون پوکڻ جي اجازت نه ڏبي، خلاف ورزي ڪندڙ آبادگارن مٿان قانون مطابق ڪيس به داخل ٿي سگهن ٿا انڪري آبادگارن کي گهرجي ته هو قانون جي پاسداري ڪندي سارين جو فصل پوکڻ کان پاسو ڪن ڇو ته سارين جو فصل نه صرف زرعي زمينن کي ناڪارا بڻائيندو آهي بلڪه ڀرپاسي وارا رهائشي علائقا به متاثر ٿيندا آهن. ان موقعي تي هن اسسٽنٽ ڪمنشرن کي هدايت ڪندي چيو ته هو تعلقي سطح تي زراعت ۽ آبپاشي کاتي جي عملدارن سان گڏجاڻيون ڪري سارين جي فصل خلاف جوڳا قدم کڻڻ جي حوالي سان پلان تيار ڪيو وڃي ان سلسلي ۾ روينيو کاتي جي تپيدارن ۽ آبپاشي کاتي جي داروغن کي پابند بڻايو وڃي ته هو پنهنجي پنهنجي علائقي ۾ موجود سارين توڙي ٻج بابت لاڳاپيل اسسٽنٽ ڪمشنر جي آفيس ۾ اطلاع ڏين جنهن جي بنياد تي پهرين مرحلي ۾ آبادگارن کي نوٽس ڏنو وڃي عمل نه ڪرڻ جي صورت ۾ ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي. گڏجاڻي دوران ڊپٽي ڪمشنر زراعت کاتي گهوٽڪي جي ڪاڪردگي کي غير تسلي بخش قرار ڏيندي چيو ته زراعت آفيسر بهتر طريقي سان فرض سرانجام نه پيا ڏين جنهنڪري آبادگارن جي رهنمائي ناهي ٿي سگهندي. هن ڊائريڪٽر زراعت کي هدايت ڪندي چيو ته ضلعي جي پنجن ئي تعلقن ۾ سيمينار منعقد ڪرائي آبادگارن کي سارين جي فصل سان ٿيندڙ نقصانن ۽ متبادل فصلن متعلق آگاهي ڏني وڃي ان سلسلي ۾ شهرن ۾ پينافليڪس لڳايا وڃن ۽ ايف ايف ريڊيو ذريعي به آبادگارن کي سنڌ حڪومت جي فيصلي کان آگاه ڪيو وڃي. ان موقعي تي ڊائريڪٽر زراعت رسول بخش جوڻيجو ٻڌايو ته انگريز دور ۾ جڏهن بئراجز قائم پيون ٿين تڏهن آبپاشي جي ماهرن سروي ڪري رپورٽ ڏني هئي ته درياءَ جي کاٻي پاسي کان سارين جو فصل زرعي زمينن ۽ ٻين فصلن لاءِ نقصانڪار آهي اهڙي ريت جر جي پاڻي تي پڻ ناڪاري اثر پون ٿا انڪري آبادگارن کي گهرجي ته هو متبادل فصل پوکين ان سلسلي ۾ زراعت کاتو ڊپٽي ڪمشنر جي هدايت مطابق هر تعلقي ۾ سيمينار منعقد ڪندو.
امتحانن دوران لوڊشيڊنگ جو نوٽيس،بنا وقفي بجلي ڏيڻ جو حڪم
گم ٿيل ماڻهن جو ڪيس،پٽ جي گمشدگي تي پيءُ فوت
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 15 پئسا ٿي ويو
لطيف سائين جا تقدير بابت بيتَ….!
خميس کان پيٽرول جي قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي جو امڪان
مٽياري ۾ مسافر بس ۽ ٽرالر وچ ۾ ٽڪر، 5 ڄڻا فوت
ڪڻڪ جي پيداوار 42 لک ميٽرڪ ٽن کان وڌيڪ ٿي،شورو
تيلگو اداڪارا پاويترا جيارام خوفناڪ روڊ حادثي ۾ فوت
بابر اعظم سڀ کان وڌيڪ ٽي 20 ميچون کٽيندڙ ڪپتان
آمريڪي رياست الاباما ۾ فائرنگ، 3 ڄڻا مارجي ويا، 15 زخمي
سنڌيار سکر 13 مئي 2024
سنڌيار ڪراچي 13 مئي 2024
خالد مقبول ايم ڪيو ايم پاڪستان جو چيئرمين چونڊجي ويو
پاڪستان ۾ به پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ جو امڪان
مٽي جي ذخيرن جي نمونن ۾ شيشي جهڙو مواد مواد دريافت
عمر ڪوٽ جو دورو، صحافين سان تعلقات وڌيڪ بھتر بنائڻ آهي
سنڌ ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي، مفت بجلي لاءِ قدم کڻون پيا
12 مئي تي آمر تعصب جي باهه ڀڙڪائي ۽ ڪراچي کي ڳاڙهو ڪري ڇڏيو
بجيٽ ۾ رعايتون مرحليوار ختم ڪرڻ جي تجويز
اسان کي 12 مئي جهڙن سانحن مان سبق سکڻ جي ضرورت آهي :بلاول ڀٽو