رمضان پيڪيج منظور، 2 ارب جي سبسڊي

اسلام آباد (رپورٽر)وفاقي حڪومت رمضان پيڪيج جي منطوري ڏئي ڇڏي آهي. اهڙي منظوري اقتصادي رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڏني وئي. جاري ڪيل پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته حڪومت رمضان پيڪيج لاءِ 2 ارب رپين جو رعايتي پيڪيج تيار ڪيو هو. ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ ٿيل اقتصادي رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾صنعت ۽ پيداوار واري وزارت ان باري ۾ سمري پيش ڪئي. حالانڪه رمضان جي آمد ۾ اڃان تقريبا ٻه مهينا پيا آهن. 2 ارب رپين جي ماليت جي رمضان پيڪيج تحت يوٽيلٽي اسٽورز تي عام واهپي جي شين جي 20اسمن تي 30 رپين تائين في ڪلو تي سبسڊي ڏيڻ جي تجويز آهي.پيڪيج موجب اٽي تي في ڪلو 4 رپيا، کنڊ تي 5 رپيا، گيهه تي 15 رپيا، مهري دال تي 10 رپيا، سفيد چڻن تي 25 رپيا، کاڄرو تيل تي 10 رپيا، چڻن جي دال تي 20 رويا، دال مڱ تي 15 رپيا، بيسڻ تي 20 رپيا ۽ کارڪن تي في ڪلو جي حساب سان 30 رُپيا سبسڊي ڏني وئي آهي. اُن کانسواءِ باسمتي، سيلو ۽ ٽوٽو چانور جي في ڪلو تي 15 رُپيا سبسڊي ڏئي مارڪيٽ جي ڀيٽ ۾ يوٽيلٽي اسٽورز سستي اگهه تي ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو