ٽائون ملازمن جو پگهار نه ملڻ خلاف خلاف احتجاج

ٽنڊو غلام حيدر ( رپورٽ ميرحسن رند) ٽائون ڪميٽي ٽنڊي غلام حيدر جي2009 جي لوڪل ڊيلويجز جي ملازمن کي مسلسل ٻہ مهينن کان پگهارون نه مليون آهن ملازمن جي ڪم ڇڏ هڙتال جاري آهي ٽائون آفيس جي گيٽ اڳيان اڄ 16 ڏينهن گذرڻ بعد به احتجاجي بک هڙتالي  ڪئمپ قائم مظاهرين طاهر نظاماڻي ؛ بشير ورياه حاجي خان پنهور ؛ شاهنواز ڀٽي ۽ ٻين ؛ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 16 ڏينهن گذرڻ بعد به ڪو  تڪ جو سياسي چونڊيل نمائيندو اسان وٽ پهچي نه سگهيو  جڏهن ته  ايس ٽي پي اڳواڻ کمن لاکو عظيم شاه  پاران به ٽائون ملازمن جي احتجاجي ڪئمپ تي هر روز پهچي سندن مڪمل حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ايس ٽي پي اڳواڻن چيو ته ٽنڊو غلام حيدر جي مقامي  ملازمن جي بک ھڙتال ڪئمپ تي پهچي ملازمن جي حمايت ۾ شرڪت باربار ڪئي آهي جيسين تائين ٽائون ڪميٽي ٽنڊو غلام حيدر جي ملازمن جون پگهارون جاري نٿيون ڪيون وڃن ۽ انھن جا جائز مطالبا تسليم نه ٿا ڪيا وڃن ته  ملازمن جي حمايت جاري رهندي ۽ مجبورن ايس ٽي پي ڊي سي ٽنڊو محمد خان ۽ ٽنڊو غلام حيدر انتظاميه کان پڻ مطالبو ڪيو آهي ته مقامي ملازمن سان انصاف ڪري سندن بند پگهارون کين جاري ڪري ڏنيون وڃن ٻي صورت ۾ مرڻ گهڙي تائين علامتي بک هڙتال جو سلسلو شروع ڪيو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو