لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي وڏي وزير جي صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته شهباز شريف نوازشريف کي واپس آڻڻ جي بجاءِ پاڻ ملڪ مان فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي.پنجاب جي وڏي وزير جي اطلاعات بابت صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته شهباز شريف ڪرپشن جي الزامن کي منهن ڏيڻ جي بجاءِ پرڏيهه وڃڻ چاهيو ٿي. نوازشريف چيو ته 4 هفتن ۾ علاج ڪرائي واپس ايندس ۽ شهباز شريف به نوازشريف جي گارنٽي ڏني هئي.هن چيو ته نوازشريف کي واپس آڻڻ جي بجاءِ شهباز شريف پاڻ ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي. شهباز شريف تي ڪرپشن، مني لانڊرنگ ۽ ڪڪ بيڪس جا الزام آهن. پهريان هو انهن کي منهن ڏئي. ان جون ملڪيتون ۽ اولاد ٻاهر آهي ۽ هي هاڻ عيد به ٻاهر ملهائڻ چاهي ٿو. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته علاج جي بهاني هي ماڻهو ملڪ کان ٻاهر پنهنجون ملڪيتون بچائڻ جي لاءِ هٿ پير هڻي رهيا آهن.هن چيو ته شهباز شريف عيد پاڪستان ۾ ڪري ان کي ٻاهر وڃڻ جي ڇاجي جلدي آهي. نظام ۾ موجود ڪوتاهين کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين سان پنهنجو واعدو پورو ڪيو. هن چيو ته عوام ڪورونا ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪري ۽ ڪورونا لاڪ ڊائون لڳائڻ جو باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ٿي چڪو آهي.ڪورونا ڪيسز ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ لاڪ ڊائون لڳايو ويو آهي. عوام ماسڪ جو استعمال ڪري ۽ سماجي وٿي جو خيال رکي.
سنڌيار سکر 21 سيپٽمبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 21 سيپٽمبر 2024ع
پي ٽي آءِ کي مينار پاڪستان بدران ٻئي هنڌ تي جلسي جي اجازت
پارليمنٽ عوام بدران طاقتور جي خدمت ڪري پئي: فضل الرحمان
ججز ڪميٽي مان جسٽس منيب آئوٽ،جسٽس امين اِن،هم خيال جو تاثر وڌڻ لڳو
ڪراچي مان بين الصوبائي منشيات ڊيلر پيءُ ۽ ڌيءُ گرفتار
تمام جلد واٽس ايپ تبديل ٿي ويندو
عدالتي فيصلي تي مخصوص سيٽون الاٽ ڪيون وڃن، ڪي پي اسپيڪر
سنڌ جا 19 هزار 808 اسڪول برساتن سبب متاثر ، 7,503 مڪمل تباهه
شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي 28 هين ورسي ملهائي پئي وڃي
وزيرستان ۾ جھڙپ، 12 خوارج مارجي ويا، 6 جوان شهيد
پناهگير ڪيمپ تي اسرائيلي حملي ۾ ٻارن سميت 8 ڄڻا شهيد
صدر جي پريڪٽس اينڊ پروسيجر آرڊيننس تي صحيح،فوري لاڳو
آرڊيننس تحت ججز ڪميٽي جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي وئي: تارڙ
پنجاب ۾ اليڪشن ٽربيونل ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر
پي ٽي آءِ جلسو، ڊي سي جي لاهور پوليس کان رپورٽ طلب
ايف بي آر جي انفورسمينٽ سسٽم کي بهتر بڻائڻ ضروري آهي
شهرين جي آزادي تي ڪو سمجهوتو نه ٿو ڪري سگهجي: عدالت
اسٽاڪ مارڪيٽ 82 هزار جي تاريخي حد پار ڪري ورتي
آءِ سي سي وفد جي نقوي سان ملاقات،انتظامن تي اعتماد