تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ 5 پينو فقير ٿڏي تي فوت

گجرانوالا (ويب ڊيسڪ) وزيرآباد ۾ تيز رفتار ڪار فٽ پاٿ تي پنندڙ فقيرن مٿان چڙهي وئي، جنهن سبب 5 فقير موقعي تي فوت ٿي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو. فوتي پينو فقيرن ۾ عورتون به شامل آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، گاڏي ۽ ڊرائيور کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، وڌيڪ جاچ ڪريون پيا. عيني شاهدن جو چوڻ آهي ته نوجوان ڊرائيور نشي ۾ ڌت هو ۽ کيس به زخم رسيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو