اسپيشل ايجوڪيشن جي برطرف ملازمن جو احتجاج

ڪنڌڪوٽ(رپورٽ امداد بنگوار)اسپيشل ايجوڪيشن ضلع ڪشمور جي ملازمن جو جبري برطرفي خلاف احتجاج، برطرف ملازمن پاران گهنٽا گهر چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، احتجاجي ريلي کي خطاب ڪندي برطرف ٿيل ملازمن جو چوڻ هو ته اسان کي لاڳيتو 3 ٽن سالن تائين پگهارون ملنديون رهيون جنهن سان اسان جو گذر سفر سٺو هلي پيو هاڻي گذريل 6 ڇهن سالن کان وٺي پگهارون بند آهن اسين اهڙي ظالماڻي عمل جي خلاف سراپا احتجاج آهيون،   احتجاجي ريلي ۾ برطرف ٿيل ملازمن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اسان کي نوڪرين تي بحال ڪيو ۽ اسان جون بند ٿيل ID’s کوليون وڃن ته جيئن اسين هن مهنگائي جي دور ۾ سک سان زندگي گذاري سگهون، احتجاجي ريلي ۾ برطرف ملازمن سان گڏوگڏ سماجي، سياسي، مذهبي، سول سوسائٽي ۽ عوام وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو