قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدار کي 16 سالن بعد موت جي سزا

گهوٽڪي (عرفان علي سومرو) عدالت 16 سالن کانپوءِ قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، ڏوهه ثابت ٿيڻ تي هڪ جوابدار کي موت ۽ 5 لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي۔ گهوٽڪي جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ مقتول عبدالغني ڏهر جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي عدالت ٻنهي ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد جوابدار دلبر ڏهر مٿان قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي موت ۽ 5 لک رپيه ڏنڊ جي سزا ٻڌائي. عدالتي فيصلي بعد جوابدار کي پوليس سيڪورٽي هيٺ سکر سنٽرل جيل منتقل ڪيو. واضح رهي ته  سال 2003 ۾ جوابدار دلبر ڏهر ڏهرڪي ٿاڻي جي حد ۾ فائرنگ ڪري عبدالغني ڏهر کي قتل ڪيو هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو