جيو ۾ پگهارون نه ملڻ تي ملازمن ڪم بند ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان جي هڪ وڏي ميڊيا گروپ جنگ ۽ جيو مالي بحران جو سبب ڄاڻائي ملازمن کي پگهارون نه پيو ڏئي جنهن سبب جيو اسلام آباد جي ورڪرن بائيڪاٽ ڪندي ڪم بند ڪري ڇڏيو آهي. ملازمن جو چوڻ آهي ته اڳ م سندن پگهارون ڪاٽيون ويون ۽ ڪيترن ئي ملازمن کي برطرف ڪيو ويو پر گهٽايل پگهارون به کين وقت تي ادا نٿيون ڪيون وڃن ۽ 20 اپريل تي کين جنوري مهيني جي اڌ پگهار ملي آهي.

ملازم پنهنجي نالي ظاهر ڪرڻ کان لنوائيندي ٻڌايو ته ڪيترن مهينن کان هو پريشان آهن ۽ ٻارن جي اسڪول جي فيس ڀرڻ جي پوزيشن ۾ ناهن. ڪجهه ڏينهن اڳ سڀني ملازمن اينڪر کان وٺي صفائي جي عملي تائين ميٽنگ ڪري ڊائريڪٽر نيوز کي انتظاميا سان ڳالهائڻ جو چيو پر ڪو نتيجو نه نڪتو ۽ مجبور ٿي هنن ڪم بند ڪيو آهي. نواءِ وقت ۽ وقت ٽي وي سميت ميڊيا جي ٻين ادارن ۾ به تقريبا ساڳئي حالت آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو