ڊيٽا شيئر ڪرڻ جي الزام ۾ فيس بُڪ تي ڪيس داخل

ڊيٽا شيئر ڪرڻ جي الزام ۾ فيس بُڪ تي ڪيس داخل

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) سماجي رابطي جي ويب سائيٽ فيس بوڪ تي اشتهار ڏيندڙ هڪ ڪمپني جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ صارفين جي ڊيٽا شيئر ڪرڻ تي سڪس فار ٿري نالي ڪمپني ڪيس داخل ڪرائي ورتو آهي. بين الاقوامي خابرو اداري مطابق آمريڪا جي هڪ ڪمپني سڪس فار ٿري فيس بڪ تي صارفين جي ڊيٽا وڪڻڻ جي الزام ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته فيس بڪ اشتهار ڏيندڙ هڪ وڏي ڪمپني کي تيزي سان مٿي ايندڙ شرح تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ صارفين جي ڊيٽا شيئر ڪئي. سڪس فار ٿري 7 هزار صفحن تي مشتمل هڪ رپورٽ به داخل ڪئي آهي جنهن ۾ 4 هزار صفحا صارفين جي ذاتي اي ميلز ۽ ويب چيٽ تي مشتمل آهن جڏهن ته 1200 سئو صفحا انتهائي رازداري معلومات تي مشتمل آهن. فيس بڪ جي باني مارڪ زڪر برگ ۽ ان جي ٽيم مخصوص ڊيٽا پنهنجي وڏي پارٽنرن سان ترجيحي بنيادن تي شيئر ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو