چانهون جي دڙي جي ڇهون ڀيرو کوٽائي شروع

چانهون جي دڙي جي ڇهون ڀيرو کوٽائي شروع

سڪرنڊ (راج ڪماراوڏ) فرانسيسي آرڪيالا جسٽ سنڌ جي تاريخي ماڳ چانهون جي دڙي جي ڇهون دفعو کوٽائي جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. ضلعي انتظاميه پاران فرانسيسي ماهرن جي سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي. جڏهن ته سيڪيورٽي لاءِ پوليس ۽ ليڊيز ڪمانڊوز مقرر ڪيا ويا آهن. جڏهن ته چانهون جي دڙي کي محفوظ ڪرڻ لاءِ  چوديواري جو ڪم هن وقت تائين شروع نه ٿي سگهيو آهي. چانهون جي دڙي تي ثقافت کاتي سنڌ پاران دڙي جي کوٽائي مان هٿ آيل ناياب شين کي محفوظ ڪرڻ لاءِ ميوزم ۽ آرڪيالاجي ماهرن جي رهائش لاءِ هڪ ريسٽ هائوس ۽ چانهون جي دڙي بابت ريسرچ سينٽر ٻه سال گذرڻ باوجود اڃا تائين مڪمل نه ٿي سگهيو آهي. چانهون جي دڙي جي کوٽائي لاءِ فرانسيسي آرڪيالاجسٽ ڊاڪٽر اروڙا جي ٽيم مسٽر پاسڪل ، مسٽر ڊيوڊ ، آرڪيالاجسٽ ماهر مسٽ اينگزيڊر ، ميڊم نورين پاران چانهون جي دڙي تي پهچي چانهون جي دڙي تي ڇهون دفعو ريسرچ ۽ کوٽائي جو ڪم شروع ڪري ڏنو آهي. جڏهن ته فرانسيسي آرڪيالاجسٽ ڊاڪٽر اروڙا هڪ هفتي اندر پهچي سندس ٽيم پاران تاريخي ماڳ چانهون جي دڙي تي ڇهون دفعو کوٽائي جي ڪم جو جائزو وٺندي. ياد رهي ته چانهون جي دڙي تي کوٽائي دوران هڪ وڏو عاليشان شهر ظاهر ٿيو آهي ۽ کوٽائي دوران مڻڪا ، سپيون ، ٿانون ، موتي ، ڪارخاني ۾ ڪم ايندڙ اوزار پڻ هٿ ڪيا ويا هئا. سنڌ حڪومت پاران اعلانيل چانهون جي حفاظت لاءِ چوديواري جو ڪم ڇهه سال گذرڻ باجود رولڙي جو شڪار آهي.  جڏهن ته فرانسيسي آرڪيالاجسٽ ماهرن جي سيڪيورٽي لاءِ ڊي ايس پي جي اڳواڻي ۾ 48 پوليس ۽ ليڊيز ڪمانڊوز مقرر ٿيل آهن. چانهون جي دڙي تي سرڪاري ريسٽ هائوس نه هئڻ ڪري مسلسل ڇهن سالن کان آرڪيالاجسٽ ماهر علائقي جي معزز سردار عبدالستار ڪيريو جي مقامي رهائش گاهه چانهون ڀرسان ڳوٺ جمال ڪيريو ۾ رهائش پذير آهن. سيڪيورٽي خدشن جو ٻڌائي في الحال ميڊيا سان فرانسيسي ماهرن سان نه ملايو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو