اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ وڌندر مهانگائيءَ جو نوٽيس وٺندي واڳيل اختيارين کي هڪدم اپاءَ وٺڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم هائوس مان جاري ٿيل بيان موجب عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ غيرمعمولي واڌ کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪامي جو هن نوٽيس وٺندي لاڳاپيل اختيارين کي افوري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس مان چئني صوبائي چيف سيڪريٽريز ۽ چيف ڪمشنر اسلام آباد کي مهانگائيءَ کي روڪڻ لاءِ چيو ويو آهي ته مارڪيٽ ڪميٽين کي فعال ڪيو مهانگائيءَ، ذخيره اندوزي ۽ بدعنواني کي روڪڻ لاءِ خصوصي مهم شروع ڪريو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته عوام کي رليف مهيا ڪرڻ فيلڊ انتظاميا جي بنيادي ذميواري آهي، جڏهن ته واڳيل اختيارين وچ ۾ ٻطرفي رابطي جي کوٽ عام ماڻهن جون ڏکيائيون وڌائي رهي آهي. هن اسپيشل برانچ ذريعي نظر رکڻ، اوچتا دورا ڪرڻ ۽ قيمتن جا روزانو نوان ريٽ جاري ڪرڻ ۽ انهن تي عمل کي يقيني بنايو وڃي.










