ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بهترين موبائل رکندڙ پاڪستاني صارفين لاءِ خوشخبري، هواوي ڪمپني پنهنجو 9 ايس سمارٽ فون پاڪستان ۾ متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي. هواوي سيريز جو اهو نئون فون لاهور ۾ هڪ ايونٽ دوران متعارف ڪرائيندي ڪمپني دعويٰ ڪئي آهي ته هي مڊ رينج ڊوائيس پنهنجي ڊسپلي ۽ ڪئمرا جي بدولت صارفين جون دليون کٽيندو. ان فون ۾ 6.59 انچ جو ايف ايڇ ڊي پلس الٽرا فل ويو ڊسپلي ڏنو ويو آهي جنهن ۾ بيزل نه هجڻ جي برابر آهي. فون ۾ ڪمپني جو پنهنجو ڪيرين 710 ايف پراسيسر، 6 جي بي ريم ۽ 128 جي بي اسٽوريج ڏني وئي آهي جنهن ۾ مائيڪرو ايس ڊِ ڪارڊ سان 512 جي بي تائين اضافو ڪري سگهجي ٿو. ان کان علاوهه فون ۾ اي ايم يو، آءِ 9.1 جو اينڊرائيڊ 9 آپريٽنگ سسٽم سان ڪيو ويو آهي جڏهن ته 4000 هزار ايم اي ايڇ بيٽري ڏني وئي آهي. هن فون جي بيڪ سائيڊ تي ايل اي ڊي فليش سان گڏ 3 ڪيمرائن جو سيٽ اپ به آهي جنهن ۾ ڪيمرا 48 ميگا پڪسل سنسر ايف 1.8 آپرچر سان ليس آهي جڏهن ته 8 ميگا پڪسل الٽرا وائيڊ اينگل ۽ 2 ميگا پڪسل ڊيپٿ سنسر لينس به موجود آهي. فرنٽ تي 16 ميگا پڪسل پوپ اپ ڪيمرا ڏنو ويو آهي. تقريب ۾ هواوي جي ڪنٽري مئنيجر اسڪاٽ هوانگ چيو ته هلندڙ مالي سال جي ٽي ماهي دوران عالمي مارڪيٽ ۾ ڪمپني جو شيئر 18،6 فيصد رهيو ۽ هو دنيا جي ٻي وڏي ڪمپني جي پوزيشن کي برقرار رکڻ ۾ ڪامياب رهي. گهڻن ئي مشڪلاتن باوجود آڪٽومبر تائين سڄي دنيا ۾ 20 ڪروڙ کان مٿي موبائل فون پهچايا آهن ۽ اهو هدف 2018 جي مقابلي ۾ 64 ڏينهن پهرين ئي حاصل ڪيو ويو هو. واضح رهي ته پاڪستان ۾ اهو فون 30 نومبر کان 6 ڊسمبر تائين پري آرڊر ۾ خريد ڪري سگهجي ٿو کان پوءِ مارڪيٽ ۾ عام وڪري لاءِ رکيو ويندو جڏهن ته پاڪستان ۾ فون جي قيمت 42 هزار 999 رپيا رکي وئي آهي.










